اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نور مقدم قتل ڪيس ۾ ڏوهاري ظاهر جعفر جي نظر ثاني درخواست رد ڪندي سندس موت جي سزا برقرار رکي آهي.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس هاشم ڪاڪڙ، جسٽس صلاح الدين پنھور ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو ٻڌايو.
ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته مان تسليم ڪيان ٿو ته مقتولا نور مقدم سان ظلم ٿيو، مان مقتولا جي ڪٽنب کان معافي گهران ٿو.
وڪيل وڌيڪ چيو ته سندس دليلن جو مرڪز واقعي وقت ڏوهاري جي دماغي حالت آهي، واقعي ۽ ٽرائل وقت سندس اصيل جي دماغي حالت ٺيڪ نه هئي، جيتوڻيڪ هو اهو نٿو چوي ته سندس اصيل قتل نه ڪيو آهي.
عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي ڏوهاري ظاهر جعفر جي نظر ثاني درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ کيس ٻڌايل موت جي سزا کي برقرار رکيو.