ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهه ۾ اڄ معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 1523 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 69 هزار 285 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1305 رپيا واڌ بعد 4 لک 23 هزار 35 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ في اونس سون 14.49 ڊالر مهانگو ٿي 4468 ڊالر پهچي ويو آهي.