18 هين ترميم نه هجي ها ته پنجاب ميٽرو ۽ اورنج لائن نه آڻي سگهي ها؟ بلاول

چلاس(عوامي آواز نيوز)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي عوام جو اعتماد حاصل آهي، 7 جون تي جي بي (گلگت بلتستان) ۾ جيالو وڏو وزير (وزيراعليٰ) چونڊرائينداسين. هن چلاس ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا. عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسي انتهائي خوشي ٿي آهي. طاقت جو سرچشمو عوام آهي، پيپلز پارٽي کي عوام جو اعتماد حاصل آهي، 7 جون تي جيالو وڏو وزير چونڊرائينداسين. قائدِ عوام شهيد ڀٽو مزدورن ۽ هارين کي حق ڏنا. پيپلز پارٽي ۽ گلگت بلتستان جي عوام جو ٽن  نسلن جو ساٿ آهي. ايندڙ بجيٽ ۾ بي آئي ايس پي   فنڊن ۾ اضافو ڪيو ويندو.ديامر ڀاشا ڊيم جي جلد کان جلد تعمير تمام ضروري آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي ذاتي مفاد بدران هميشه ملڪي مفاد جي سياست ڪئي آهي، پاڪستان اسلامي ملڪن ۾ واحد ائٽمي قوت آهي، ڪو به کيس ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي.سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 20 لک گهرن جي تعمير جو منصوبو جاري آهي. ان منصوبي سان 10 لک روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيا آهن، سڄي سنڌ ۾ عوام کي صحت جون جديد ترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جيڪڏهن عوام موقعو ڏنو ته گلگت بلتستان ۾ صحت جون سهولتون مفت فراهم ڪنداسين، ديامر ۽ استور ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇائي ڇڏينداسين.ان کان علاوه، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسڪردو جي مين بازار ۾ انتخابي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل انتخابي مهم ۾ مان توهان وٽ آيو هئس ۽ جي بي جي هر تعلقي ۾ ويس ۽ پوري جي بي جو دورو ڪيو هيم، ۽ ان وقت کان چئي سگهان ٿو ته جيتري جي بي مان ڏٺي آهي، سا ڪنهن به سياستدان ناهي ڏٺي. سڀني جماعتن جا دورا ملائي به اسان جي دورن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن. اسان جو صرف سياسي رشتو ناهي پر نسلن جو ساٿ آهي. مان هيءَ مهم به گذريل انتخابي مهم وانگر ڪرڻ چاهيندو هئس. گذريل چونڊن ۾ خوشي جو ماحول هو پر هاڻي اسان سڀني لاءِ غم جو ماحول آهي. ايران ۾ جيڪي شهادتون ٿيون آهن، ٻارڙين کي شهيد ڪيو ويو آهي، اهو غم جو ماحول آهي. جنهن طريقي سان رمضان ۾ آيت الله خامنه اي جي ڏوهٽي (نواسي) کي شهيد ڪيو ويو، اهو انتهائي قابلِ مذمت آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي امن پسند ۽ جنگ جي خلاف آهي. هيءَ ڪهاڻي صرف ايران تائين ناهي، فلسطين ۽ لبنان ۾ به بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو. فيلڊ مارشل امن جي جيڪا ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان سڀ دعاگو آهيون ته اها ڪوشش ڪامياب ٿئي. پوري مسلم دنيا ۽ سڄي دنيا جا نوجوان هن جنگ جو بوجھ کڻي رهيا آهن. ان جنگ جي ڪري معاشي بحران پيدا ٿيو آهي ۽ مھنگائي به بي تحاشا وڌي وئي آهي، ان ڪري اسان هن جنگ کي ختم ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا.هن چيو ته پي پي پي جي سياست باقي جماعتن کان مختلف آهي. اسان پسمانده طبقي جي نمائندگي ڪندا آهيون. انهن کي حق ڏيندا آهيون ۽ غريب جو سوچيندا آهيون. اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جي ترقي پسمانده طبقي جي ترقي سان آهي. باقي جماعتون اميرن کي وڌيڪ امير بڻائڻ جي پاليصي اختيار ڪنديون آهن ۽ ان کي ترقي جو نالو ڏنو ويندو آهي. هارين، مزدورن ۽ نوجوانن جي ترقي ئي اصل ترقي آهي. قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هارين کي زمينون ڏنيون. شهيد محترمه بينظير ڀٽو لاءِ عوام جو نعرو هو ته ”بينظير ايندي، روزگار آڻيندي“. صدر زرداري پنهنجي پهرين دورِ حڪومت ۾ بي آئي ايس پي ٺاهي روٽي، ڪپڙا اور مڪان کي عملي شڪل ڏني. بطور پرڏيهي وزير مون کان ٻيا ملڪ پڇندا هئا ته اسان بي آئي ايس پي ذريعي پنهنجن غريبن جي ڪيئن مدد ڪري سگهون ٿا.هن ملڪ جي بدقسمتي اها آهي ته اسان جا سياستدان ۽ سياسي جماعتون اهڙيون آهن جيڪي سوچين ٿيون ته پنهنجن امير دوستن کي مراعتون ڪيئن ڏين، ۽ اهي بي آئي ايس پي جي غريبن واري مدد کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. هيءَ بي آئي ايس پي جي مدد پوري ملڪ جي غريب عوام کي ملي ٿي. مائرن جي دعائن جي ڪري ان کي (بي آئي ايس پي کي) ختم ڪرڻ جي سازش ناڪام ٿيندي. وزيراعظم ايندڙ بجيٽ ۾ بي آئي ايس پي ۾ اضافي جو اعلان ڪندو.هن چيو ته مودي آبي جارحيت ڪري رهيو آهي، وفاق ديامر ڀاشا ڊيم جلد مڪمل ڪري. گذريل ڀيري به اليڪشن مهم دوران چلاس آيو هئس، گذريل اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کي سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا هئا، بدقسمتي سان اسان کان 9 سيٽون ڦريون ويون هيون.هن چيو ته غريب دشمن منشور رکندڙ جماعتون اليڪشن کي مينيج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، پيپلز پارٽي صرف عوام ڏانهن ڏسي رهي آهي، ست جون تي عوام جي طاقت سان کٽينداسين.هن چيو ته شهيد محترمه ٻن آمرن کي للڪاريو هو ۽ تاريخ رقم ڪئي هئي، هوءَ غريبن جي آواز هئي، سازشي عنصرن کيس به شهيد ڪرائي ڇڏيو.سندس چوڻ هو ته آصف علي زرداري 18هين ترميم آندي، صدر آصف زرداري روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري تي عملي طور ڪم ڪيو، ايندڙ بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ ۾ اضافو ڪنداسين.پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ست جون کانپوءِ پيپلز پارٽي جي حڪومت بڻجي رهي آهي، اسان عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪنداسين، وفاق کي چوان ٿو ته ديامر ڀاشا ڊيم مڪمل ڪريو، نريندر مودي حڪومت آبي جارحيت ڪري رهي آهي.بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف صاحب! اسان ’لاهور اسپيڊ‘ جو ٻڌو آهي، شهباز شريف چلاس جي عوام کي ’شهباز اسپيڊ‘ ڏيکاري، وفاق کان مطالبو آهي ته پهريان ديامر ڀاشا ڊيم مڪمل ڪيو وڃي.هن چيو ته جيڪڏهن صدر زرداري جي حڪومت سازش تحت ختم نه ڪئي وڃي ها ته ديامر ڀاشا ڊيم ٺهي چڪو هجي ها، جيڪڏهن صدر زرداري 18هين ترميم نه ڪري ها ته هي موٽر وي وغيره نه ٺاهي سگهن ها.پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته ديامر ڀاشا ڊيم جي تڪميل کانپوءِ ئي پي ايس ڊي پي  مان ڪنهن ٻئي منصوبي لاءِ سِرَ لڳائي وڃي، ائٽم بم ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي جو تحفو پيپلز پارٽي ڏنو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمر جي دور ۾ فوجي اڏن جي اجازت ڏني وئي هئي، هڪ قيدي 420 چوي ٿو ته هن ’ايبسوليٽلي ناٽ‘ (Absolutely Not) چيو هو، تون ’ايبسوليٽلي ناٽ‘ ڪهڙي شيءِ جو چيو هو؟ مشرف حڪومت کانپوءِ مردِ حُر (آصف زرداري) جي حڪومت هئي جنهن هڪ لت هڻي سمورا بيسز (فوجي اڏا) بند ڪيا هئا.سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جو ٽيون وڏو ڪارنامو فوجي اڏن کي بند ڪرڻ هو، اها بهادري صرف پيپلز پارٽي ڏيکاري هئي، هنري ڪسنجر شهيد ڀٽو کي چيو هو ته ائٽم بم نه ٺاهيو، شهيد ڀٽو جان جي قرباني ڏني پر پاڪستان کي ائٽمي قوت بڻايو.پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته اڄ به پاڪستان کي اهڙي جماعت جي ضرورت آهي جيڪا دنيا جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائي سگهي،هن چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته ڪجهه ماڻهو ڪوشش ڪري رهيا هوندا، جن کي عوام جو اعتماد حاصل ناهي. اهي سياسي جماعتون جيڪي عوام دشمن سياست ڪن ٿيون، جيڪي غريب دشمن منشور رکن ٿيون، اهي عوام ڏانهن ناهن ڏسي رهيون، اهي پنهنجي ’مينيجمينٽ‘ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. پر پاڪستان پيپلز پارٽي صرف ۽ صرف گلگت بلتستان جي عوام ڏانهن ڏسي رهي آهي. اڄ به هن ملڪ کي پاڪستان پيپلز پارٽي جهڙي سياسي جماعت جي ضرورت آهي، جيڪا دنيا جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائي سگهي. اهو اسان صرف ان ڪري ڪري سگهون ٿا، جو اسان اصل معنيٰ ۾ عوام جي نمائندگي ڪندا آهيون. جڏهن اسان دنيا سان ڳالهائيندا آهيون، ته اهي ڄاڻن ٿا ته هنن جي پٺيان عوام آهي. اهي ڄاڻن ٿا ته هي ماڻهو پنهنجي عوام جي حقن تي، پنهنجي ملڪ جي قومي مفاد تي سودو ناهن ڪندا. تنهنڪري اڄ به انهن آهي. اسان پسمانده طبقي جي نمائندگي ڪندا آهيون. انهن کي حق ڏيندا آهيون ۽ غريب جو سوچيندا آهيون. اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جي ترقي پسمانده طبقي جي ترقي سان آهي. باقي جماعتون اميرن کي وڌيڪ امير بڻائڻ جي پاليسي اختيار ڪنديون آهن ۽ ان کي ترقي جو نالو ڏنو ويندو آهي. هارين، مزدورن ۽ نوجوانن جي ترقي ئي اصل ترقي آهي. هن چيو ته .هن ملڪ جي بدقسمتي اها آهي ته اسان جا سياستدان ۽ سياسي جماعتون اهڙيون آهن جيڪي سوچين ٿيون ته پنهنجن امير دوستن کي مراعتون ڪيئن ڏين، ۽ اهي بي آئي ايس پي جي غريبن واري مدد کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. هيءَ بي آئي ايس پي جي مدد پوري ملڪ جي غريب عوام کي ملي ٿي. مائرن جي دعائن جي ڪري ان کي (بي آئي ايس پي کي) ختم ڪرڻ جي سازش ناڪام ٿيندي. وزيراعظم ايندڙ بجيٽ ۾ بي آئي ايس پي ۾ اضافي جو اعلان ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.