نئين دهلي(عوامي آواز نيوز) ڀارت ۾ نوجوانن جي نئين احتجاجي تحريڪ "ڪاڪروچ جنتا پارٽي” (سي جي پي) پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس دوران مرڪزي تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي 6 جون تي دهلي ۾ احتجاجي سرگرمين جو اعلان ڪيو آهي.ڀارتي نوجوانن ۾ تيزي سان مقبوليت حاصل ڪندڙ هن تحريڪ اعلان ڪيو آهي ته ان جو باني اڀيجيت ديپڪي 6 جون جي صبح 8 وڳي دهلي پهچندو.پارٽي جي ترجمان سورڀ داس موجب اڀيجيت ديپڪي پنهنجي حامين کي اپيل ڪئي آهي ته هو هوائي اڏي تي پهچي سندس آجيان ڪن، ساڻس گڏ پارليامينٽ اسٽريٽ پوليس اسٽيشن وڃن ۽ جنتر منتر تي احتجاج لاءِ باضابطه اجازت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.پريس ڪانفرنس دوران تحريڪ جي فنڊنگ بابت پڇيل سوالن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته تحريڪ خلاف منظم نموني هڪ "جوابي بيانيو هلائي پيو وڃي.هن چيو ته ماڻهن کان بار بار اهو سوال پڇيو پيو وڃي ته تحريڪ کي پئسا ڪٿان ملي رهيا آهن، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته هڪ پوسٽر رڳو چند سئو رپين ۾ تيار ڪيو ويو ۽ اڪثر شرڪت ڪندڙ پنهنجا خرچ پاڻ برداشت ڪري هتي پهتا آهن.سندس چوڻ موجب تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به ڪا عوامي تحريڪ زور وٺندي آهي ته ان خلاف پرڏيهي مداخلت يا ڳجهي فنڊنگ جا الزام سامهون آندا ويندا آهن. هن چيو ته ڪاڪروچ جنتا پارٽي خلاف به اهڙيون ئي ڳالهيون ڦهلايون پيون وڃن.سورڀ داس دعويٰ ڪئي ته هي ڀارت جي تاريخ جي "سڀ کان وڌيڪ شفاف عوامي تحريڪ” آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ماڻهو اڀيجيت ديپڪي جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس ڏسن ته کين خبر پوندي ته هن تحريڪ جي شروعات هڪ طنزيه ردعمل طور ٿي هئي.هن وڌيڪ چيو ته هڪ موقعي تي ڀارتي نوجوانن کي "ڪاڪروچ” قرار ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ نوجوانن طرفان غيرمعمولي ردعمل سامهون آيو. سندس مطابق ان ردعمل مان ظاهر ٿيو ته ملڪ جو نوجوان طبقو مايوسي، غيريقيني ۽ نااميدي جو شڪار آهي.ترجمان جو چوڻ هو ته جيئن جيئن تحريڪ منظم ٿيندي وئي، تيئن تيئن اهو واضح ٿيندو ويو ته ملڪ جو سڀ کان اهم مسئلو تعليمي نظام آهي. هن الزام لڳايو ته موجوده تعليم وارو وزير ڌرميندر پردھان پنهنجون ذميواريون مؤثر نموني نڀائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.هن چيو ته هن وقت تحريڪ جو صرف هڪ ئي مطالبو آهي، ۽ اهو آهي ته ڌرميندر پردھان استعيفيٰ ڏئي. سندس بقول ان کان پوءِ تحريڪ شفافيت ۽ جوابدهي جي اصولن تحت پنهنجي ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪندي.هڪ سوال جي جواب ۾ سورڀ داس چيو ته جيڪڏهن ڪنهن احتجاج ۾ اميد کان گهٽ نوجوان شرڪت ڪن ته ان جو مطلب اهو ناهي ته تحريڪ ناڪام ٿي وئي آهي. هن چيو ته ماڻهو جنهن ڳالهه کي صحيح سمجهندا آهن، ان لاءِ آواز اٿاريندا رهندا.واضح رهي ته ڪاڪروچ جنتا پارٽي تازن هفتن دوران ڀارت ۾ نوجوانن جي هڪ غيرمعمولي احتجاجي تحريڪ طور سامهون آئي آهي. هن تحريڪ جي شروعات نوجوانن کي "ڪاڪروچ” سڏڻ جي ردعمل طور ٿي، پر بعد ۾ اها بيروزگاري، امتحاني نظام، پرچا ليڪ ٿيڻ جي واقعن ۽ تعليمي پاليسين خلاف هڪ وسيع احتجاجي مهم ۾ تبديل ٿي وئي.
تحريڪ جو باني ابهيجيت ديپڪي آهي،
جنهن کي سوشل ميڊيا تي خاصي مقبوليت حاصل ٿي آهي، جڏهن ته مبصرن موجب اها تحريڪ ڀارتي نوجوانن ۾ وڌندڙ بيچيني ۽ سياسي اظهار جي هڪ نئين صورت جي نمائندگي ڪري ٿي.