بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ماڻهن کي پينو بڻائي رهيو آهي:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سياسي معاملن واري وفاقي صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ بي پناهه ڪرپشن آهي، پنجاب جي حد تائين ڊيٽا درست ناهي، بي آءِ ايس پي  ماڻهن کي پينو بڻائڻ واري ڳالهه آهي، 3 مهينن کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن کي 13 يا 17 هزار ڏجن ته ان  مان ڇا ٿيندو؟ ان سان غربت ختم ناهي ٿي پر غربت وڌي آهي. هن هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي چيو ته بجيٽ هڪ اهڙو موقعو هوندو آهي جڏهن اسيمبلي ميمبر ۽ اتحادي جماعتون حڪومت سان گلا شڪوا ڪنديون آهن. ڪنهن کي ضلعي ته ڪنهن کي تڪ جي اڻتڻ هوندي آهي، جڏهن گلا شڪوا ٿيندا آهن ته ڪجهه وقت جذبات ۾ سخت ڳالهيون به ٿي وينديون آهن، بجيٽ کان پهرين سڄي معاملي کي  حل  ڪيو ويندو، حڪومت اتحادي جماعتن ۽ باقي معزز ميمبرن جي مطالبن کي بهتر انداز ۾ مينيج ڪندي.رانا ثناءُ الله چيو ته گردشي قرضن (سرڪيوليٽري ڊيٽ) جو حجم هر سال وڌندو پيو وڃي، اهڙي ريت دفاعي خرچ به آهن، ڇاڪاڻ ته پاڪستان خطي ۾ پوري طاقت ۽ عزت سان بيٺو آهي.هن چيو ته ارڙهين ترميمجتي صوبن کي اختيار ڏئي ٿي اتي ذميواريون به ڏئي ٿي. جيڪڏهن بي آئي ايس پي ذريعي غريبن جي مدد ڪئي وڃي ٿي پر اسان کي ان تي اعتراض آهن، اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن مان پنجاب جي حد تائين ڳالهه ڪريان ته ان جي ڊيٽا درست ناهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ بي پناهه ڪرپشن آهي، پنجاب جي حد تائين ڊيٽا ٺيڪ ناهي، بي آئي ايس پي ماڻهن کي پينو بڻائڻ واري ڳالهه آهي، 3 مهينن کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن کي 13 يا 17 هزار ڏجن ته ان مان ڇا ٿيندو؟ ان سان غربت ختم ناهي ٿي پر غربت وڌي آهي. ان کان بهتر آهي ته هُنرمند اسڪيم طرف وڃڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.