رسول بخش پليجي جي اٺين ورسي جون تياريون هلندڙ

حيدرآباد (پ ر)عوامي تحريڪ جي سربراهه، رسول بخش پليجي جي اٺين ورسي جي تيارين جي سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي  مرڪزي قيادت ملڪ جي مختلف جمهوري، ترقي پسند، کاٻي ڌر ۽ قومپرست سياسي اڳواڻن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطا ڪري کين 7 جون تي جنگشاهي ۾ منعقد ٿيندڙ رسول بخش پليجي جي اٺين ورسي جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.عوامي تحريڪ جي اڳواڻن پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان، حقوقِ خلق پارٽي جي صدر فاروق طارق ۽ مزدور ڪسان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد عظيم سان ٽيليفونڪ رابطا ڪري کين ورسي جي جلسي عام ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. اڳواڻن رسول بخش پليجي جي سياسي، فڪري ۽ جمهوري جدوجهد کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته پليجي صاحب پاڪستان جي ترقي پسند، جمهوري ۽ قومي حقن جي تحريڪن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن پنهنجي سڄي زندگي عوام جي حقن، جمهوريت ۽ مظلوم قومن جي حقن لاءِ وقف ڪئي. ٻئي طرف رسول بخش پليجي صاحب جي اٺين ورسي جي تيارين کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي. سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جا ڪارڪن ٺٽي ضلعي سميت مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ورسي بابت آگاهي مهم هلائي رهيا آهن. ڪارڪنن طرفان شهرن جي اهم چوڪن، بازارن، شاهراهن ۽ عوامي هنڌن تي ورسي جي حوالي سان بينر، پينافليڪس ۽ جهنڊا لڳايا پيا وڃن، جڏهن ته عوام کي تقريب ۾ شرڪت جون دعوتون پڻ ڏنيون پيون وڃن.عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته رسول بخش پليجي جي اٺين ورسي جي تقريب سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ جمهوري حلقن جو هڪ اهم اجتماع ثابت ٿيندي، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف سياسي پارٽين، قومپرست، ترقي پسند، جمهوري اڳواڻن، اديبن، دانشورن، وڪيلن، شاگردن، هارين، مزدورن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ٿيندي.هنن چيو ته رسول بخش پليجي صاحب جو فڪر، جدوجهد ۽ عوام دوست سياست اڄ به سنڌ سميت سڄي ملڪ جي جمهوري ۽ ترقي پسند قوتن لاءِ راهه جي روشني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.