ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ روزاني آواره ڪتن جي حملن جا 150 کان وڌيڪ ڪيس اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.تازو واقعو ڪراچي جي علائقي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ پيش آيو، جتي گهٽي ۾ گهمندڙ ٻارڙي تي آواره ڪتن حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙي جي چهرن تي زخم آيا.اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ آواره ڪتن جي حملن جا روزاني 150 کان وڌيڪ ڪيس اچي رهيا آهن، جن مان گهڻا ڪيس ڪورنگي، لانڍي ۽ حب چوڪي کان رپورٽ ٿين ٿا.ذريعن موجب، رواني سال آواره ڪتن جي حملن ۾ 10 فوتگيون ۽ 40 هزار کان وڌيڪ زخمين جا ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.