بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون:وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم شامل ڪيا پيا وڃن.وزيراعظم سان ميان منشا، عارف حبيب، عاطف باجوا، محمد علي طبہ، مصدق ذوالقرنين، زياد بشير سميت ٻين معروف صنعتڪارن ۽ نامور ڪاروباري شخصيتن جي وفد ملاقات ڪئي.ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته اوهان ماڻهو پاڪستان جا سفير ۽ دنيا ۾ اسان جي سڃاڻپ آهيو، مشڪل معاشي حالتن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي ڪاروباري برادري جا ٿورائتا آهيون.وزيراعظم جو چوڻ هو ته  حڪومت ۽ نجي شعبي جي مضبوط ڀاڱيداري (شراڪتداري) معاشي ترقي جي ضمانت آهي، معيشت بابت پاليصي سازي ۾ ڪاروباري برادري سان مشاورت وڏي اهميت رکي ٿي، اسان برآمدات (ايڪسپورٽ) تي ٻڌل ترقي جي راهه تي گامزن آهيون ۽ اها ئي اسان جي معاشي پاليصي جو محور آهي.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته غير رسمي معيشت کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم شامل ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ٿي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، اسان اهڙين صنعتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششان آهيون جن سان ملڪي پيداوار وڌي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.