روم(عوامي آواز نيوز) اٽليءَ ۾ 4 پاڪستانين کي زنده ساڙڻ جي خبر اوورسيز پاڪستانين سميت وطنِ عزيز جي هر فرد کي ڏکوئي ڇڏيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب باهه ڏئي سڙيندڙ وين ۾ ڪل ست ماڻهو سوار هئا، جن مان 2 پاڪستاني شهري (ٺيڪيدار) ۽ 5 افغاني شهري هئا. ٻن پاڪستاني شهرين گاڏيءَ ۾ آتش گير مادو استعمال ڪندي ان کي باهه ڏئي ڇڏي. گاڏيءَ ۾ بند 5 افغاني شهرين مان هڪ گاڏيءَ جو شيشو ڀڃي ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن کي معمولي ڌڪ رسيا، جڏهن ته باقي 4 بدقسمت زنده سڙي ويا.زنده بچي ويندڙ شخص سڄي ڪهاڻي تان پردو کڻي ڇڏيو، جڏهن ته اسٽريٽ ڪيمرائن جي مدد سان پوليس ٻن پاڪستانين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. شروعاتي معلومات مان پتو پوي ٿو ته تڪرار محنت ڪش جي استحصال جو آهي؛ مزدوريءَ جي ادائيگي ۽ ٻيون ناانصافيون هن افسوسناڪ سانحي جو سبب بڻيون. ان خبر اوورسيز پاڪستاني برادريءَ کي گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. يونان ۾ به ٺيڪيدار برادريءَ جا ڪارناما ڪنهن کان لڪيل ناهن. زرعي علائقن ۾ جڏهن فصلي دورن، خاص طور تي زيتون، انگور، مالٽا ۽ ٻين ميون جي چونڊ جي موسم ۾ پورهيتن جي سخت کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان جا ٺيڪيدار بيروزگار ۽ ضرورت مند ماڻهن کي ڀرتي ڪندا آهن، ۽ ان طريقي سان محنت ڪش تي پنهنجو احسان جتائيندا آهن. جڏهن ته اڪثريت پورهيتن جو چوڻ آهي ته مزدوريءَ ۾ ڪٽوتي، رهائش ۽ کاڌي پيتي جي مد ۾ ادائيگي وغيره کان پوءِ بچت نالي ڪا شيءِ ڏسڻ ۾ نٿي اچي