ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت بئريسٽر شبير شاھ کي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ مقرر ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت باضابطه نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي. بئريسٽر شبير شاھ ان کان اڳ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ قانوني توڙي آئيني معاملن ۾ وسيع تجربو رکي ٿو، سرڪاري ذريعن موجب بئريسٽر شبير شاھ جي مقرري قانوني معاملن ۾ سندس وسيع مهارت ۽ تجربي کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي، شبير شاهه کان اڳ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جو اضافي چارج منتظر مهدي وٽ هو.،بئريسٽر شبير شاهه سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاهه جو پٽ آهي، قانوني حلقن بئريسٽر شبير شاھ جي مقرري کي اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو صوبي جي پراسيڪيوشن نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا، سنڌ ۾ پراسيڪيوشن جي خامين سبب ڪيترائي ڏوهاري سزائن کان بچي وڃن ٿا ۽ نتيجي ۾ ڏوهن جي خاتمي ۾ سرڪار جي ڪوششن کي ڌڪ رسي ٿو ۽ بدامني پيدا ٿيڻ جا سبب ٻيهر متحرڪ ٿي وڃن ٿا.