ڪراچي (پ ر)اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير عمر چيو آهي ته معاشي ترقي جا ٽي مرحلا هوندا آهن: پهريون ڊيفالٽ کان بچاءُ، جنهن کانپوءِ استحڪام ۽ پھرين اقتصادي واڌارو (نمو). پاڪستان جو مسئلو اهو رهيو آهي ته استحڪام جو مرحلو غير معمولي طور تي ڊگهو ٿي ويو. استحڪام جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ بار عام شهري، وچولي طبقي ۽ غريب عوام تي پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان دوران معاشي ترقي محدود رهندي آهي، روزگار جا موقعا گهٽ پيدا ٿيندا آهن ۽ غربت ۾ اضافو ٿيندو آهي. هو گذريل ڏينهن همدرد فاونڊيشن پاڪستان جي زيرِ اهتمام همدرد ڪارپوريٽ هيڊ آفيس ۾ منعقد ٿيل همدرد شوريٰ ڪراچي جي ماهوار اجلاس، جنهن جو عنوان ’’پري بجيٽ 2026ع معاشي چيلنجز ۽ ممڪنه حل‘‘ هو، ۾ بطور خاص مهمان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. اجلاس جي صدارت اسپيڪر جنرل (ر) معين الدين حيدر ڪئي. همدرد فاونڊيشن پاڪستان جي صدر سعديه راشد پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.محمد زبير چيو ته مسئلو صرف آمدني وڌائڻ جو ناهي پر خرچن کي قابو ۾ آڻڻ، وسيلن جي بهتر استعمال ۽ پائيدار معاشي سڌارن جو پڻ آهي. پاڪستان جي آبادي ۾ ساليانو اضافو تقريبن 2.6 فيصد آهي، جڏهن ته گذريل چئن سالن ۾ سراسري معاشي ترقي تقريبن 2.2 فيصد رهي. جڏهن معيشت جي ترقي آبادي جي اضافي کان گهٽ هجي ته نتيجو بيروزگاري، غربت ۽ خريداري جي سگهه (قوتِ خريد) ۾ ڪمي جي صورت ۾ نڪرندو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ تقريبن اڌ آبادي غربت جي لڪير جي ويجهو يا ان کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. جيڪڏهن موجوده ٽيڪس بار جي باوجود عوام، صنعت ۽ ڪاروباري طبقو سخت دٻاءُ جو شڪار آهن ته وڌيڪ بار ڪهڙي حد تائين برداشت جوڳو هوندو؟ هن چيو ته جڏهن ڪاروبار لاءِ قرض وٺڻ مهانگو هجي، بجلي مهانگي هجي ۽ ٽيڪسن جو باروڌيڪ هجي ته سيڙپڪاري ۽ صنعتي پيداوار متاثر ٿيندي آهي.جنرل (ر) معين الدين حيدر چيو ته پاڪستان جو بنيادي معاشي مسئلو اهو آهي ته ان جا خرچ آمدني کان ڪٿي وڌيڪ آهن. حڪومتي خرچ مسلسل وڌي رهيا آهن جڏهن ته ٽيڪس وصوليون ۽ ٻي آمدني انهن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. اهو ئي سبب آهي جو بجيٽ منظور ٿيندي ئي ملڪ کي پهرين ڏينهن کان وڏي مالي خساري کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. هر سال اهي تجويزون سامهون اينديون آهن ته ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪيو وڃي، وڌيڪ شعبن تي ٽيڪس لڳايو وڃي، برآمد۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ آمدني وڌائي وڃي، پر سرڪاري خرچن ۾ ڪمي ۽ سادگي اختيار ڪرڻ تي نسبتاً گهٽ ڌيان ڏنو ويندو آهي. پاڪستان جي شروعاتي دور ۾ چين اسان کان ڪٿي وڌيڪ غريب ملڪ هو. ان وقت چين جي في ڪس آمدني به پاڪستان کان گهٽ هئي ۽ غربت جي شرح تمام وڌيڪ هئي. هڪ موقعي تي سخت زلزلي کانپوءِ سڄي دنيا چين کي امداد، خوراڪ ۽ دوائون فراهم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي، پر چيني قيادت پاڻڀرائي (خود انحصاري) کي ترجيح ڏني ۽ قومي وسيلن جي اندر رهندي ترقي جو رستو اختيار ڪيو. چين سادگي، محنت ۽ ڊگهي مدت جي منصوبابندي کي اپنايو. چين ڪفايت شعاري ۽ بچت جي پاليصي اختيار ڪئي،ڪموڊور (ر) سديد انور ملڪ چيو ته جيڪڏهن شفافيت، احتساب ۽ بهتر گورننس کي يقيني بڻايو وڃي ته معاشي ڪارڪردگي ۾ چٽي بهتري اچي سگهي ٿي.انجينئر پرويز صادق چيو ته ڪجهه وقت مالي مجبورين ۽ بيروني ادائگين جي دٻاءُ جي ڪري آئي ايم ايف ڏانهن وڃڻو پوندو آهي. پر اهو مڃڻو پوندو ته آمدني ۽ خرچن جي وچ ۾ مسلسل وڌندڙ فرق اسان کي قرض وٺڻ تي مجبور ڪندو آهي. جيڪڏهن خرچن کي بهتر طريقي سان منظم ڪيو وڃي ۽ وسيلن جو شفاف استعمال يقيني بڻايو وڃي ته مالي دٻاءُ ۾ نمايان ڪمي اچي سگهي ٿي. اجلاس کي شوريٰ جي ڊپٽي اسپيڪر ڪرنل (ر) مختار احمد بٽ، سينيئر صحافي مظفر اعجاز، همدرد يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عمران جاويد امين، ڊائريڪٽر همدرد فاونڊيشن پاڪستان سيد محمد ارسلان، ظفر اقبال، مبشر مير، انجينئر ابن الحسن، پروفيسر ڊاڪٽر تنوير خالد، هما بيگ، برگيڊيئر (ر) طارق خليل، پروفيسر ڊاڪٽر عامر طاسين، شهلا احمد، سلطان چاولا، جسٽس (ر) ضيا پرويز، پروفيسر ڊاڪٽر امجد جعفري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.