اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) حڪومتي ذريعن موجب حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) کي خاطري ڪرائي آهي ته بجيٽ اجلاس کان اڳ ڪا به اهم قانونسازي نه ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس پڻ بلاول ڀٽو زرداري جي اسلام آباد واپسي کان پوءِ ٿيندو. اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ بجيٽ اجلاس سڏائڻ جو امڪان آهي. بجيٽ تجويزون: حڪومت ۽ پي پي پي وچ ۾ اختلاف برقرارذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان جي چونڊ مهم جي آخري ڏينهن، 5 جون تائين، مهم ۾ حصو وٺندا. سندن اسلام آباد واپسي کان پوءِ وڌيڪ ڳالهيون پڻ ٿينديون.حڪومتي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته بجيٽ بابت صلاح مشوري جي عمل ۾ پڻ پيپلز پارٽي کي شامل رکيو ويو آهي.
بجيٽ بابت پ پ جون تياريون نه هيون،پارٽي کان عام ماڻهو وسري ويو؟
اسلام آباد(سجاد انور) بجيٽ ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي. هڪ وڏي سبب طور اهو ٻڌايو پيو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته پهرين 28هين آئيني ترميم منظور ٿئي ۽ ان کان پوءِ بجيٽ پيش ڪيو وڃي. پر معتبر ذريعن کان اها به خبر رهي آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي بجيٽ بابت سخت ناراض آهي. انهن جا ڪيترائي خدشا اڃا تائين ختم نه ٿي سگهيا آهن.ڪالهه به پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿي، پر اها گهڻي ڪامياب نه رهي. اڄ وري ٻنهي ڌرين جي اهم اڳواڻن جي ملاقات ٿي رهي آهي. پيپلز پارٽي طرفان وڏو وزير سنڌ مراد علي شاهه، شيري رحمان ۽ نويد قمر شامل هئا جڏهن ته مسلم ليگ (ن) طرفان اسحاق ڊار ۽ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب شرڪت ڪئي،ڪالهه سڄي قومي ميڊيا ۾ اها خبر هلي رهي هئي ته بجيٽ اجلاس ان ڪري ملتوي ڪيو ويو آهي جو پهرين آئيني ترميمون آنديون وينديون ۽ پوءِ بجيٽ منظور ٿيندي. پر رات دير سان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي اجلاس کان پوءِ خبر پئي ته اصل مسئلو اهو آهي ته پيپلز پارٽي بجيٽ جي حمايت لاءِ تيار ئي نه آهي.پيپلز پارٽي کي بجيٽ بابت ڪيترائي اعتراض آهن. مسلم ليگ (ن) کي لڳي رهيو هو ته اجلاس سڏي ڇڏيو آهي، بجيٽ پيش ٿي ويندي ۽ آساني سان منظور به ٿي ويندي، پر جڏهن کين خبر پئي ته پيپلز پارٽي سخت تحفظات رکي ٿي ته اهي حيران ٿي ويا.ان جو هڪ وڏو سبب 28هين آئيني ترميم به آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي بجيٽ جي حمايت لاءِ تيار نه آهي ته پوءِ آئيني ترميم جي حمايت ڪيئن ڪندي؟ان صورتحال مسلم ليگ (ن) کي پريشان ڪري ڇڏيو،تنهنڪري صدر کان منظوري وٺڻ باوجود بجيٽ اجلاس جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو. ٻنهي پارٽين گڏجي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي ته پهرين اختلاف ختم ڪيا وڃن.پيپلز پارٽي جا ڪجهه پراڻا خدشا آهن. سندن چوڻ آهي ته پنجاب ۾ وفاقي حڪومت ڪيترائي موٽر وي منصوبا مڪمل ڪيا آهن، پر سنڌ ۾ سکر کان ڪراچي تائين موٽر وي وارو اهم منصوبو سالن کان التوا ۾ آهي.پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته ڪراچي ملڪ جو اهم واپاري ۽ بندرگاهي وارو شهر آهي، جتان درآمد ۽ برآمد جو وڏو حصو ٿيندو آهي، پر ان جي باوجود وفاق سنڌ جي بنيادي ڍانچي تي گهربل ڌيان نه ٿو ڏئي.اهي مطالبا ڪنهن حد تائين جائز به آهن، پيپلز پارٽي کان سوال آهي ته ڇا توهان ڪڏهن عام ماڻهو لاءِ به ساڳي شدت سان آواز اٿاريو آهي؟ هر سال بجيٽ عام ماڻهن لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪري ٿي. توهان سنڌ لاءِ فنڊ ۽ منصوبا گهرندا آهيو، جيڪو توهان جو حق آهي، پر عام شهري جي مسئلن تي به ته ساڳي طرح ڳالهائڻ گهرجي.هڪ وقت هو جڏهن پيپلز پارٽي پاڻ کي عوامي پارٽي سڏائيندي هئي، پر اڄ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته عام ماڻهو جي نمائندگي ڪير ڪري رهيو آهي؟