ڊونلڊ ٽرمپ جي ايراني سپريم ليڊر سان ملاقات جي خواهش ظاهري ڪري ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ تي راضي ٿي ويو آهي ۽ ڳالهين واري عمل ۾ ملڪ جو سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي به شامل آهي.
اربع ڏينهن نيويارڪ پوسٽ سان هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته اسان ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ نه ڏينداسين ۽ هو ان تي راضي آهن ته اهي ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندا.
ٽرمپ موجب،”هنن ان تي اتفاق ڪيو آهي، هو بعد پنهنجو ذهن تبديل ڪري سگهن ٿا پر هي معاملو انهن شين مان هو جن تي هنن کي اتفاق ڪرڻو هو.
ان دوران کائنس سوال ڪيو ويو ته ڇا مجتبيٰ خامنائي انهن ماڻهن ۾ شامل آهي جن سان آمريڪا ڳالهه ٻول ڪري رهيو آهي؟
ان تي صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته جن ماڻهن سان اسان ڳالهائي رهيا آهيون، انهن بابت اسان کي پتو آهي ته اهي ئي ماڻهو ملڪ جي قيادت ڪري رهيا آهن. ها، هو (ايراني سپريم ليڊر) ان ۾ شامل آهي.
ايراني ڳالهين واري وفد حوالو ڏيندي آمريڪي صدر چيو ته هو هن (رهبر اعليٰ) جي ڏاڍي عزت ڪن ٿا.
جڏهن آمريڪي صدر کان مجتبيٰ خامنائي جي صحت بابت پڇيو ويو ته سندس چوڻ هو ته کيس ان بابت خبر ناهي ڇاڪاڻ ته مون کي ساڻس ملڻ جو شرف حاصل نه ٿيو آهي، پر مون اهو ناهي ٻڌو ته هو ٺيڪ آهي، جيڪڏهن توهان ڪهاڻين تي يقين ڪريو ته سندس (جسم جا) ڪيترائي حصا موجود نه آهن.
بهرحال سندس چوڻ هو ته ايراني قيادت اهو ئي چوي ٿي ته ڳالهين جي منظوري مجتبيٰ خامنائي ئي ڏئي رهيو آهي ۽ هڪ ڊگهي عرصي کان ائين ئي ٿيندو پيو اچي. پهرين سندس والد هو ۽ هاڻي هو پاڻ آهي.
جڏهن آمريڪي صدر کان پڇيو ويو ته ڇا هو ڪڏهن مجتبيٰ خامنائي يا ٻين ايراني اڳواڻن سان ملڻ چاهيندو؟
ان جي جواب ۾ آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته مون ان بابت ڪڏهن سوچيو ناهي، اهو ڏاڍو سٺو سوال آهي، مان ان بابت سوچيندس، مان ساڻ ملڻ چاهيندس، مان هر ڪنهن سان ملڻ چاهيندس، اسان شايد ڪڏهن ڪنهن موقعي تي ملاقات ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.