ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪويت پاران ايراني سفارتي عملي جي ٻن ميمبرن کي ”اڻ وڻندڙ“ شخصيت قرار ڏيندي 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڪويتي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اربع ڏينهن نائب پرڏيهي وزير حمد سليمان المشعان، ايران جي سفارتخاني جي قائم مقام ناظم الامور، ڪائونسلر حامد حميد يعقوبي فر کي طلب ڪري کيس هڪ باضابطااحتجاجي خط ڏنو.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ” خط ۾ ايراني حملن تي سخت احتجاج ڪندي ايران جي سفارتي عملي جو انگ گهٽائڻ ۽ ايراني سفارتخاني جي ٻن ميمبرن کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ کين 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.“
نائب پرڏيهي وزير ان معاملي تي وضاحت ڪندي چيو آهي ته ”هي قدم ان پسمنظر ۾ کنيو ويو آهي ته ايران طرفان مبينا طور تي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي لڳاتار ۽ شديد حملا ڪيا پيا وڃن، جن جي تازي لهر اربع جي صبح ٻيهر ڏٺي وئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي شهري ٿاڪن ۽ اهم هنڌن کي نشانو بڻايو ويو، جن ۾ ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ پڻ شامل آهي.“
هن چيو ته ايراني حملن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته ڪيئي شهري زخمي ٿيا ۽ اهم ٿاڪن ۽ سفارتي عمارتن کي به نقصان پهتو، جيڪا ڪويت جي خودمختاري، گڏيل قومن جي چارٽر، بين الاقوامي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي ڀڃڪڙي آهي.
نائب پرڏيهي وزير ايراني حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ”ڪويت پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ڪنهن به ملڪ خلاف جارحاڻي ڪارروائي لاءِ استعمال ٿيڻ جي قطعي اجازت نٿو ڏئي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”ايران جا بي بنياد الزام ڪنهن به طرح درست يا ثبوتن تي ٻڌل نه آهن ۽ انهن جو بار بار ورجاءُ انهن حملن جو جواز فراهم نٿو ڪري سگهي جن ڪويت جي سرزمين ۽ شهري توڙي اهم ٿاڪن کي نشانو بڻايو.“
هن اهو به واضح ڪيو ته ”ڪويت کي پنهنجي خودمختاري، سلامتي، شهرين ۽ هتي رهندڙ ماڻهن جي تحفظ لاءِ بين الاقوامي قانون موجب سمورا ضروري قدم کڻڻ جو مڪمل ۽ جائز حق حاصل آهي.“