ڪويت(عوامي آواز نيوز) ڪويت جي دفاع واري وزارت جو چوڻ آهي ته اربع جي ڏينهن صبح سوير سندس هٿياربند فوج ايراني حملن دوران 13 بيلسٽڪ بيمارن (ميزائلن) ۽ 17 ڊرونز کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.سرڪاري خبرن جي ايمجنسي "ڪويت نيوز” موجب، دفاع واري وزارت جي ترجمان ڪرنل سعود العطوان جو چوڻ هو ته سندن هٿياربند فوج 13 بيلسٽڪ ميزائلن کي پنهنجي فضائي حدن ۾ ڪجهه ‘رهائشي علائقن جي مٿان’ تباهه ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ انهن جو ملبو هيٺ ڪريو.هن دعويٰ ڪئي ته ايراني حملن ۾ ڪويت انٽرنيشنل ائيرپورٽ سميت ٻين عام شهرين ۽ عوامي تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هندستاني شهري فوت ٿي ويو، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا ۽ وڏي پيماني تي مالي نقصان پڻ ٿيو.ياد رهي ته اربع جي صبح ڪويت ۽ بحرين جي حڪومتن چيو هو ته ٻنهي ملڪن کي ڊرون ۽ ميزائل حملن جو نشانو بڻايو ويو آهي.ڪويت ۽ بحرين پاران اهي رپورٽون سامهون اچڻ کانپوءِ ايران انهن حملن جي تصديق ڪندي چيو هو ته ‘آمريڪي اڏن ۽ هيلڪاپٽرن کي ميزائلن ۽ ڊرونز سان نشانو بڻائڻ جوابي ڪارروائي جي طور تي هو.’ڪويت جي صحت واري وزارت موجب، اربع جي صبح سوير ايران پاران ڪويت انٽرنيشنل ائيرپورٽ تي ڪيل ميزائل ۽ ڊرون حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 63 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن ۾ ائيرپورٽ جو عملو ۽ مسافر پڻ شامل آهن.ان کان اڳ ڪويت جي پرڏيهي وزارت ٻڌايو هو ته هن حملي ۾ هڪ شخص فوت پڻ ٿيو آهي.ڪويت جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اربع جي صبح سوير ايران پاران ڪويت انٽرنيشنل ائيرپورٽ تي ڪيل ميزائل ۽ ڊرون حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 63 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن ۾ ائيرپورٽ جو عملو ۽ مسافر پڻ شامل آهن.ڪويت جي صحت واري وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر عبدالله السند پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ‘رياستِ ڪويت خلاف ايراني جارحيت جي ترت پوءِ هڪ جامع ۽ هنگامي حڪمتِ عملي تي عمل ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت 63 زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي جڏهن ته ست هنگامي ۽ سيريس (سخت نوعيت جون) سرجريون ڪيون ويون آهن.’ياد رهي ته ڪويت جي پرڏيهي وزارت موجب هن حملي ۾ هڪ شخص فوت پڻ ٿيو هو. پرڏيهي وزارت مطابق ايراني حملي جي نتيجي ۾ ڪويت انٽرنيشنل ائيرپورٽ جي ٽرمينل 1 جي عمارت ۽ ڪيترن ئي ٻين سفارتي هنڌن کي نقصان پهتو.ايران جو اها دعويٰ آهي ته آمريڪا ڪويت جي سرزمين کي سندس خلاف حملن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي ۽ هو ان لاءِ ڪويت جي قيادت کي ذميوار سمجهن ٿا ۽ اتي موجود آمريڪي اڏا ايران جا ‘جائز هداف’ آهن.