هڪ ڏينهن ۾ يارنهن ماڻهو قتل، ڇا سنڌ ۾ قانون نالي ڪا شيءِ موجود آهي؟

سنڌ هڪ اهڙي خوفناڪ صورتحال مان گذري رهي آهي، جتي انساني جان جي قيمت ڏينهون ڏينهن گهٽجندي پئي وڃي، قانون جي عملداري ڪمزور ٿيندي پئي وڃي ۽ رياستي ادارن جي گرفت تقريباً ختم ٿيندي محسوس ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته هڪ ئي ڏينهن اندر سنڌ جي مختلف علائقن ۾ يارنهن ماڻهن جو قتل اهڙو خوفناڪ الميو آهي، جيڪو سنڌ اندر وڌندڙ لاقانونيت، بدانتظامي، قبيلائي نظام، ڪارنهن جهڙي ظالماڻي رسم ۽ حڪومتي نااهليءَ جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو. شڪارپور جي همايون ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي دشمني سبب بکراني برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ خوني جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ فائرنگ دوران ڪيترائي ماڻهو نشانو بڻيا. ٻن ماڻهن جي قتل سان گڏ هڪ عورت جو مارجي وڃڻ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جو زخمي ٿيڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته رياست جي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي. جيڪڏهن پوليس، انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي ذميوارين کي مؤثر نموني نڀائي رهيا هجن ها ته سالن کان هلندڙ دشمني اهڙي خونريزي ۾ تبديل نه ٿئي ها.

ساڳئي ڏينهن رائونتي ۾ هڪ ڳورهاري عورت کي ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪيو ويو. انساني سماج ۾ شايد ان کان وڌيڪ افسوسناڪ منظر ٻيو ڪهڙو هوندو جو هڪ عورت، جيڪا پنهنجي پيٽ ۾ نئين زندگي کڻي رهي هجي، ان کي بي رحمي سان قتل ڪري لاش درياهه ۾ اڇلايو وڃي. هي صرف هڪ عورت جو قتل نه آهي، پر انسانيت، قانون ۽ سماجي انصاف جو قتل آهي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر ڪيتري عرصي تائين عورتن جي خون سان عزت جي نالي تي هيءَ راند جاري رهندي؟ ڇا سنڌ جي حڪمرانن وٽ ان جو ڪو جواب آهي؟

لاڙڪاڻي ۾ به هڪ ئي ڏينهن اندر پراڻين دشمين ۽ ڪارنهن جي الزامن هيٺ ڇهه ماڻهو قتل ڪيا ويا، جن ۾ عورتون به شامل هيون. راڄوخاناڻي ڀرسان هڪ شخص پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو. اهي سڀ واقعا گڏجي سنڌ جي سماجي ۽ انتظامي ڍانچي بابت انتهائي خطرناڪ تصوير پيش ڪن ٿا. حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني بدران ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا به قبيلائي فيصلا، ذاتي دشمنيون، سرداري اثر رسوخ ۽ طاقت جو قانون هلندڙ نظر اچي ٿو. ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهن جو يقين عدالتن ۽ قانوني ادارن کان وڌيڪ سردارن، ڀوتارن ۽ جرڳن تي آهي. اهو حڪومت جي ناڪاميءَ جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي. جتي آئين ۽ قانون بدران فردن جي مرضي هلندي هجي، اتي امن ۽ انصاف جو تصور ممڪن ئي نه هوندو.

سوشل ميڊيا تي عوامي ردعمل به ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ماڻهو هاڻي صورتحال کان سخت مايوس ٿي چڪا آهن. ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪيترن قاتلن کي سياسي ۽ قبائلي پٺڀرائي حاصل هوندي آهي. ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي ڪيترن ئي قتلن ۾ ملوث هجڻ باوجود آزادي سان گهمندا ڦرندا رهن ٿا. جڏهن قاتل کي سزا جو خوف نه هوندو ته پوءِ قتلن ۾ واڌارو ڇو نه ٿيندو؟ جيڪڏهن ڏوهاري کي يقين هجي ته سندس پٺيان ڪو بااثر سردار، ڀوتار يا سياسي شخصيت موجود آهي ته پوءِ قانون جو ڊپ ختم ٿي ويندو آهي.

سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني جو هڪ وڏو سبب بيڊ گورننس به آهي. حڪومت جو بنيادي فرض ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ هوندو آهي، پر جڏهن حڪومتي ترجيحن ۾ عوامي تحفظ بدران سياسي مفادن کي اهميت ڏني وڃي ته پوءِ نتيجو اهڙو ئي نڪرندو آهي. پوليس کي جديد بڻائڻ، انصاف جي فراهمي کي تيز ڪرڻ، قبيلائي جهيڙن جي مستقل خاتمي لاءِ پاليسيون جوڙڻ ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ مؤثر قدم کڻڻ بدران صرف دعوائن ۽ بيانن تي اڪتفا ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ قبيلائي جهيڙا نسل در نسل هلندا رهن ٿا. انهن جهيڙن ۾ سوين ماڻهو مارجي چڪا آهن، هزارين خاندان بي گهر ٿيا آهن ۽ لکين ماڻهو خوف جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. عورتن جي قتل جا واقعا ته وڌيڪ ڳڻتي جوڳا آهن. جنهن کي ڪنهن به سماجي روايت، ثقافتي جواز يا قبيلائي رسم جي آڙ ۾ جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي. پاڪستان جو آئين، قانون ۽ مذهب سڀ انساني جان جي حرمت تي زور ڏين ٿا. پوءِ به جيڪڏهن عورتون ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿين ٿيون ته ان جو مطلب  اهو آهي ته ماڻهن مان قانون جو خوف ختم ٿي چڪو آهي.

اهو به سوچڻ گهرجي ته جڏهن هڪ ڏينهن اندر يارنهن ماڻهو قتل ٿين ٿا ته ان جا نفسياتي، سماجي ۽ معاشي اثر ڪيترا گهرا هوندا آهن. يارنهن خاندانن جا گهر اجڙي وڃن ٿا، ٻارن جا والدين کسجي وڃن ٿا، عورتون بيواهه ٿين ٿيون، ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد کان محروم ٿين ٿا. اهڙي ماحول ۾ نوجوانن جي ذهني تربيت به تشدد ڏانهن مائل ٿيڻ لڳندي آهي، جنهن جا اثر ايندڙ نسلن تائين پهچن ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت صرف بيانن ۽ دعوائن کان اڳتي وڌي. قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي، ڪارنهن جي نالي تي قتل ڪندڙن خلاف بنا ڪنهن سياسي يا سماجي دٻاءُ جي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، پوليس کي سياسي مداخلت کان آزاد ڪيو وڃي ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو وڃي. جيڪڏهن قاتل ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي، کيس قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ضروري آهي.

حقيقت اها آهي ته هڪ ئي ڏينهن اندر يارنهن ماڻهن جو قتل سنڌ جي حڪمرانن جي اهليت تي ڪيترائي سوال اٿاري ٿو.جيڪو حڪومتي نااهلي، انتظامي ڪمزوري ۽ قانون جي غير مؤثر عملداري جو به واضح ثبوت آهي. جڏهن ماڻهو پنهنجي جان ۽ عزت جي تحفظ بابت پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳن ته پوءِ اها صورتحال ڪنهن به حڪومت لاءِ شرم جو مقام هئڻ گهرجي.

سنڌ جي تاريخ امن، محبت ۽ انسان دوستي جي تاريخ آهي. هن ڌرتي کي خونريزي، قبيلائي جهيڙن، ڪارنهن جي رسمن ۽ لاقانونيت جي حوالي ڪرڻ نه رڳو موجوده نسل سان ناانصافي آهي، پر ايندڙ نسلن جي مستقبل سان به ظلم آهي. جيڪڏهن اڄ به حڪمرانن، سياسي پارٽين، سول سوسائٽي، دانشورن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سنجيدگي سان قدم نه کنيا ته پوءِ اهڙا المناڪ واقعا معمول بڻجي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.