ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت بئريسٽر غلام شبير شاهه کي صوبي جو نئون پراسيڪيوٽر جنرل مقرر ڪري ڇڏيو ، جنهن بابت قانون کاتي طرفان باضابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، بئريسٽر غلام شبير شاهه سنڌ جي نئين پراسيڪيوٽر جنرل طور پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو.
بئريسٽر غلام شبير شاهه سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جو پٽ آهي.
واضح رهي ته پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جو عهدو اڳوڻي پراسيڪيوٽر جنرل فيض شاهه جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيڻ کان پوءِ خالي ٿي ويو هو.
ان دوران ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل منتظر مهدي وقتي طور پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيو هو.