ڪراچي ميگا پروجيڪٽ تحت 11 وڏن منصوبن جي منظوري، تفصيل پڌرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪار، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه طرفان پيش ڪيل ناڻي واري ڪميٽي جون سفارشون منظور ڪيون ويون.
اجلاس ۾ صوبي جي پاڻي ۽ نيڪال وارين اسڪيمز لاءِ 8.825 ارب رپين جي واڌو فنڊز جي منظوري ڏني وئي.
مالي سال 2025-26 دوران 16 اي ڊي پي اسڪيمز لاءِ واڌو فنڊز جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، جنهن تحت 6.206 ارب رپيا اي ڊي پي بلاڪ الاٽمينٽ ۽ 2.618 ارب رپيا ٻين ترقياتي فنڊز مان فراهم ڪيا ويندا.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته موجوده مالي سال دوران سموريون ادائيگيون مڪمل ڪيون وڃن.
ڪراچي ميگا پروجيڪٽ تحت 11 وڏن نان اي ڊي پي رٿائن جي منظوري به ڏني وئي، جڏهن ته ڪراچي جي انفراسٽرڪچر منصوبن جي مجموعي لاڳت 11.198 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
منظور ڪيل منصوبن ۾ حاجي ابراهيم عيسيٰ روڊ، حاجي ڪئمپ روڊ ۽ ڪورنگي لنڪ روڊ جي بحالي، ڪلفٽن جي ميرين ڊرائيو سان ڳنڍيل روڊن جي بهتري، اسڪيم 33 ۾ مهراڻ ۽ پجيـرو روڊز جي اپگريڊيشن شامل آهن.
ڪورنگي ڪريڪ ايئربيس روڊ ۽ گلزارِ هجري جناح ايونيو توسيعي منصوبي، بلديه اسٽيڊيم روڊ کي شاهراهِه اورنگي سان حب ريور روڊ تائين ڳنڍڻ، پاور هائوس چورنگي نارٿ ڪراچي تي وڏي پل جي اڏاوت ۽ ڪي-4 چورنگي سرجاني ٽائون تي فلاءِ اوور منصوبي جي به منظوري ڏني وئي.
نئين منصوبن جي شروعات لاءِ 56 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، جيڪو ڪُل لاڳت جو لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو آهي.
درگاهه حضرت لعل شهباز قلندر، لعل باغ ۽ سوڪ سينٽر سيوهڻ جي بحالي جو منصوبو به منظور ڪيو ويو، جنهن جي لاڳ 48 ڪروڙ 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، شروعاتي طور تي 2 ڪروڙ 42 لک 50 هزار رپيا جاري ڪيا ويندا.
وڏي وزير چيو ته شهرن جي انفراسٽرڪچر جي بهتري حڪومت جي ترجيح آهي، عوامي خدمتن جي بهتري ۽ فنڊز جي شفاف استعمال کي يقيني بڻايو ويندو.
ڪابينا قدرتي گيس جي 12.5 سيڪڙو رائلٽي ”ان ڪائنڊ“ صورت ۾ اوڳاڙڻ واري فريم ورڪ جي منظوري ڏني.
نئين نظام تحت چونڊيل گيس فيلڊز ۾ رائلٽي گيس جي صورت ۾ ۽ ٻين ۾ روڪ ادائيگي جاري رهندي.
ان نظام ذريعي سنڌ کي ساليانو 26 ارب رپين کان وڌيڪ واڌو آمدني جي اميد آهي.
ان لاءِ بين المحڪمه ڪميٽي به قائم ڪئي وئي، جيڪا 30 ڏينهن ۾ سفارشون تيار ڪندي.
ڪابينا انٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز لاءِ 395.019 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني،اها رقم 111 آئوٽ سورس صحت مرڪزن جي رهتن جي ادائيگي لاءِ هوندي.
نرسنگ ورڪ فورس اسٽريٽجڪ پاليسي 2026-2040 جي به منظوري ڏني وئي، جنهن تحت نرسنگ تعليم، ٽريننگ، لائسنسنگ ۽ ڪيريئر ڊيولپمينٽ ۾ سڌارا آندا ويندا، سنڌ ۾ هن وقت 34 هزار کان وڌيڪ رجسٽرڊ نرسز موجود آهن.
ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ جي پروڪيورمينٽ پلان ۾ ترميم ۽ جديد سامان جي خريداري جي منظوري پڻ ڏني وئي، جيڪا نئين سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي.
ڪابينا ريٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج راشا صديقي کي قانون کاتي ۾ ٽن سالن لاءِ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.
ان کان کانسواءِ بئريسٽر سيد غلام شبير شاهه جي سنڌ جي نئين پراسيڪيوٽر جنرل طور مقرري جي به منظوري ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.