پاڪستان ۾ سائبر سيڪيورٽي انٽرن شپ پروگرام جو اعلان، شاگردن کان درخواستون طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ انٽرن شپ جو هڪ اهم پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ درخواستون طلب ڪيون ويون آهن.
نئون سائبر سيڪيورٽي انٽرن شپ پروگرام نيشنل سائبر ايمرجنسي رسپانس ٽيم طرفان شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد ملڪ جي سائبر اسپيس جي تحفظ لاءِ تربيت يافته افرادي قوت تيار ڪرڻ آهي.
هن ڇهه هفتن جي عملي تربيتي پروگرام ۾ شاگردن ۽ تازو گريجوئيٽ ٿيل اميدوارن کي موقعو فراهم ڪيو ويندو، دلچسپي رکندڙ اميدوار پنهنجون آن لائن درخواستون 16 جون تائين جمع ڪرائي سگهن ٿا.
تربيت دوران اميدوارن کي انسڊنٽ رسپانس، ٿريٽ انٽيليجنس، والنريبلٽي مئنيجمينٽ، گورننس، ڪمپلائنس، ڊجيٽل فرانزڪس، سافٽ ويئر ٽيسٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت (اَي آءِ ) وارن شعبن ۾ عملي تربيت ڏني ويندي.
نيشنل سائبر ايمرجنسي رسپانس ٽيم جو چوڻ آهي ته انٽرنيز کي سائبر سيڪيورٽي جي ماهرن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو، جتي اهي حقيقي پروجيڪٽس تي تجربو حاصل ڪري سگهندا.
پروگرام جو مقصد اميدوارن کي مستقبل جي چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻ ۽ کين سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ ماهر بڻائڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.