سنڌ کي اڄ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پر انهن مان سڀ کان دردناڪ مسئلو ڪاروڪاري جي نالي تي ٿيندڙ قتل آهن. هي رڳو هڪ فرد جو قتل ناهي، پر انسانيت، قانون ۽ سماجي انصاف جو به قتل آهي. افسوس جو جديد دور ۾ به عورتن ۽ مردن کي محبت، شادي يا ذاتي چونڊ جي بنياد تي زندگيءَ جو حق نه ڏنو پيو وڃي. نتيجي ۾ هر سال سوين بيگناهه ماڻهو اهڙي ظالماڻي رسم جو شڪار بڻجن ٿا، جنهن جو اخلاقي، قانوني ڪو به جواز نه آهي
انهن سڀني المين مٿان وري ظلم ۽ بربريت جي اها انتها آهي، جتي نياڻين جو قتل ڄڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. سنڌ جي ڌرتي، جيڪا محبت، امن ۽ ثقافت جي سڃاڻپ رهي آهي، اڄ غيرت جي نالي تي بيگناهه نياڻين جي رت سان رڱجي رهي آهي. افسوس جو، عورت جي عزت ۽ آزاديءَ کي تحفظ ڏيڻ بدران، جاگيرداري سوچ ۽ ڪاري رسم جهڙيون وحشي روايتون اڃا تائين زنده آهن.
جيڪڏهن انگ اکرن تي نظر وجهجي ته صورتحال وڌيڪ خوفناڪ نظر اچي ٿي. انساني حقن جي ادارن جي رپورٽن مطابق گذريل سال صرف پنجاب ۽ سنڌ ۾ غيرت جي نالي تي قتل جا 405 ڪيس درج ٿيا. سال 2023ع دوران 590 ماڻهو هن ظالماڻي رسم جي ور چڙهي پنهنجي جان وڃائي ويٺا، جڏهن ته سال 2021ع ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار عورتون قتل ڪيون ويون. Sustainable Social Development Organization جي رپورٽ موجب رڳو 12 مهينن اندر 547 ڪيس رپورٽ ٿيا. اهي صرف اهي واقعا آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ منظر عام تي آيا؛ حقيقت ۾ اهڙن واقعن جو انگ ان کان به گهڻو وڌيڪ آهي، ڇو ته ڪيترائي ظلم خاموشيءَ جي قبر ۾ دفن ٿي وڃن ٿا.هي فقط انگ اکر ناهن، پر اهي انهن مائرن جا لڙڪ آهن، جن جون ڌيئرون کسيون ويون؛ اهي انهن ڀائرن ۽ ٻارن جون سڏڪيون آهن، جن جا گهر اجڙي ويا. سوال اهو آهي ته آخر ڪيتري دير تائين سنڌ جي نياڻين جو رت غيرت جي نالي تي وهندو رهندو؟ ڪڏهن تائين ظالم طاقتور ۽ بيگناهه ڪمزور رهندا؟
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو باشعور عوام، قلم ڌڻي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ گڏجي هن ظلم خلاف آواز بلند ڪن. قانون کي رڳو ڪتابن تائين محدود نه رکيو وڃي، پر عملي طور تي لاڳو ڪيو وڃي. عورتن کي تحفظ، تعليم ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي، ڇو ته جيڪا قوم پنهنجي نياڻين کي تحفظ نه ڏئي سگهي، اها ترقي ۽ خوشحالي جا خواب ڪڏهن به ساڀيان نٿي ڪري سگهي
ڪجهه ڏينهن اڳ ميهڙ ۽ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ناديه ۽ نجيع الله، جيڪي محبت سان شادي ڪري نئين زندگي شروع ڪرڻ چاهيندا هئا، تن کي ملير ۾ بي رحمي سان قتل ڪيو ويو. هن دردناڪ واقعي ۾ قاتل ڪو اجنبي نه، پر خود ناديه جو ڀاءُ هو. اهڙي ئي ريت لکي غلام شاهه جي ڳوٺ دادلو تڙ ۾ الطاف کي قتل ڪيو ويو. سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ جهول ۾ سڪندر لغاري پنهنجي ئي 14 ورهين جي معصوم ڌيءَ کي ڪارو قرار ڏئي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. باقراڻي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ شادن جتوئي پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي رڳو رشتو نه ڏيڻ جي معاملي تان ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو.
رتيديري ۾ دڪان تي ويٺل هڪ نوجوان کي پنهنجي ئي سوٽن گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ ان ظلم کي به غيرت جو نالو ڏنو ويو. ٽنڊو مستي ۾ روبينه خالده چانڊيو کي سڄي ڳوٺ جي سامهون قتل ڪيو ويو، جتي انسانيت شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. سکر ۾ نو ٻارن جي ماءُ کي به ڪارو قرار ڏئي زندگي کان محروم ڪيو ويو، جڏهن ته 23 مئي تي علي خان جتوئي ۽ ياسمين جتوئي جو قتل به انهيءَ ظالماڻي رسم جي هڪ ٻي دردناڪ ڪڙي بڻجي سامهون آيو. اهي واقعا رڳو خبرون ناهن، پر سنڌ جي سماج تي لڳل اهي گهرا زخم آهن، جيڪي هر ڏينهن وڌيڪ ناسور بڻجندا پيا وڃن
انهن واقعن تي رڳو افسوس ڪرڻ ڪافي ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سماج جي هر ذميوار فرد پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري. والدين پنهنجي اولاد ۾ احترام، برداشت ۽ انسانيت جا قدر پيدا ڪن؛ استادن ۽ تعليمي ادارن ۾ شعور ۽ تنقيدي سوچ کي هٿي ڏني وڃي عوام دوست سياسي اڳواڻ خاموش تماشائي بڻجڻ بدران کليو کلايو هن ظلم خلاف آواز اٿارين. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به قاتلن کي مثال بڻائيندڙ سزائون ڏين ته جيئن ڪنهن کي به انسان جي جان وٺڻ جي همت نه ٿئي. جڏهن سماج گڏجي عورت ۽ مرد ٻنهي جي زندگي، عزت ۽ چونڊ جي حق جو تحفظ ڪندو، تڏهن ئي غيرت جي نالي تي وهندڙ رت روڪي سگهجي ٿو ۽ سنڌ پنهنجي محبت، امن ۽ انسان دوست روايتن ڏانهن موٽي سگهي ٿي.