صدر ٽرمپ پنهنجي اقتدار جي ٻئي دور ۾ گرين لينڊ، پاناما ڪينال، وينزويلا، ايران ۽ ڪيوبا کي بنا ڪنهن حڪمت عملي جي، صرف طاقت جي زور تي زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته ٽيرف (ڳري ٽيڪس) جي ڌمڪين جي ڪري آهستي آهستي سندس اهي سڀئي دوست ملڪ، جن 1945ع کان پوءِ آمريڪا کي عالمي برتري ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي هئي، اهي به ايران سان جنگ ۾ آمريڪا سان گڏ نه بيٺا آهن. وينزويلا جي آپريشن جي ڪاميابيءَ کان پوءِ، ان ئي طاقت جي نشي ۾ صدر ٽرمپ ايران تي نه صرف حملو ڪري ڏنو، پر ان جي تهذيب تائين کي مٽائڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو. ماهرن جو خيال آهي ته هاڻي ايران سان گڏوگڏ ڪيوبا تي به حملي جون تياريون ڪيون پيون وڃن، ڇاڪاڻ ته جنهن مذاق جهڙي انداز ۾ ڪيوبا جي 95 سالن جي اڳوڻي صدر رائول ڪاسترو تي هڪ طنزيه فردِ جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، ته اهو بعيد ناهي ته صدر ٽرمپ رائول ڪاسترو کي به اهڙي ئي نموني اغوا ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو هجي، جنهن طريقي سان وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو کي اغوا ڪيو ويو هو.
آمريڪا جي تاريخ ‘منرو ڊاڪٽرين’ جي عين روح موجب لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ بلا جواز مداخلتن سان ڀريل پئي آهي. ياد رهي ته اڻويهين صديءَ کان ئي آمريڪا جي اها پراڻي خواهش رهي آهي ته هو ميڪسيڪو جي وڌ کان وڌ علائقن ۽ ڪيوبا تي قبضو ڪري وٺي. ان ئي ڪري 1836ع ۾ ٽيڪساس جڏهن ميڪسيڪو کان آزاديءَ جو اعلان ڪيو ته آمريڪا 1845ع ۾ کيس پاڻ سان ملائي ڇڏيو، جنهن کي ميڪسيڪو هڪ جنگي قدم قرار ڏنو. 2 فيبروري 1848ع تي ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ جي خاتمي کان پوءِ هڪ معاهدو ٿيو ۽ ائين آمريڪا ميڪسيڪو جي 55 سيڪڙو حصي تي قبضو ڪري ورتو، جنهن ۾ موجوده ڪيپليفورنيا، نيواڊا، يوٽاهه، نيو ميڪسيڪو، ايريزونا ۽ ڪولوراڊو جو گهڻو حصو شامل هو، جڏهن ته اوڪلاهوما، ڪينساس ۽ ويومنگ جا ڪجهه علائقا به آمريڪا جي قبضي ۾ آيا. پوءِ 30 ڊسمبر 1853ع تي آمريڪا ميڪسيڪو کان وڌيڪ 29 هزار چورس ميلن جو علائقو خريد ڪيو، جنهن ۾ موجوده ايريزونا ۽ نيو ميڪسيڪو شامل آهن. ياد رهي ته 1492ع ۾ ڪولمبس ڪيوبا جي ٻيٽ تي قدم رکيو ۽ ائين 1898ع تائين هي اسپين جي نوآبادي رهيو. ان دوران آمريڪي صدر جيمس پولڪ ڪيوبا کي باضابطا طور تي اسپين کان 100 ملين ڊالرن ۾ خريد ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي پر اسپين ان کي رد ڪري ڇڏيو. آخرڪار 1898ع ۾ پنهنجي روايت جي عين مطابق آمريڪا جنگ جي ذريعي اسپين کي شڪست ڏئي ڪيوبا تي قبضو ڪري ورتو.
1952ع ۾ ڪيوبن فوجي آمر فلگينسيو بتستا (Fulgencio Batista) آمريڪا کي هوٽلن، ڪلبن، جوسينو ۽ عياشيءَ جي اڏن تي قبضو ڪرڻ ۾ مدد ڏني، جنهن سان ڪيوبن سماج ۾ ڪرپشن ۽ ٻيون برائيون انتها کي پهچي ويون. ان جي جواب ۾ 1959ع ۾ فيڊل ڪاسترو انقلاب جي ذريعي ڪيوبا جي واڳ سنڀالي ۽ ايندي ئي انڊرورلڊ جي ان سڀني ملڪيتن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيو. انهن قدمن جي جواب ۾ آمريڪا ڪيوبا جي معاشي ناڪابندي شروع ڪري ڏني ۽ لاطيني آمريڪا جي سڀني ملڪن کي حڪم ڏنو ته اهي ڪيوبا سان لاڳاپا ختم ڪن. ان دور ۾ کنڊ ڪيوبا جي سڀ کان وڏي برآمد هئي، پر آمريڪا معاشي ناڪابندي ڪري ڪيوبا کان کنڊ خريد ڪرڻ به بند ڪري ڇڏي، جنهن سان ان جي معيشت سسڻ لڳي، پر جلد ئي سوويت يونين ڪيوبا کان کنڊ خريد ڪرڻ شروع ڪري ڏني. 1989ع ۾ سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ چند سالن ۾ ئي ڪيوبا جي برآمدات 9 ارب ڊالرن مان گهٽجي 2 ارب ڊالر رهجي وئي ۽ ان جي معيشت سسجي صرف چاليهھ سيڪڙو وڃي بچي، پر ان جي باوجود ڪيوبا پنهنجي بقا کي قائم رکيو. وينزويلا ڪيوبا کي هڪ لک بئريل تيل ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ائين ڪيوبا ان تيل کي صاف ڪري برآمد ڪرڻ به شروع ڪري ڏنو. ان سان گڏوگڏ لاطيني آمريڪا جي ملڪن سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ عالميڪاري (Globalization) ۽ ان سان لاڳاپيل لاڙن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ علائقائي سهڪار کي هٿي ڏيڻ شروع ڪئي. ائين لاطيني آمريڪا جي برآمدات جيڪا 1990ع ۾ صرف 16 ارب ڊالر هئي، سا 1995ع ۾ 43 ارب ڊالر ٿي وئي، جنهن سان ڪيوبا کي به پنهنجي معيشت سنڀالڻ ۾ مدد ملي. پر ٽرمپ جي ٻئي دور ۾ ڪيوبا کي نه صرف وينزويلا جي تيل جي رسد بند ٿي، پر سياحت مان ٿيندڙ آمدنيءَ تي به پابنديون لڳايون ويون.
ڄ آمريڪا جي پابندين جي ڪري ڪيوبن انقلاب جي اثرن کي گهڻو حد تائين گهٽ ڪيو ويو آهي، پر پوءِ به ماهرن جو خيال آهي ته ڪيوبن عوام ذهين، ضد جو پڪو، سخي ۽ زنده دل آهي، جنهن پڇاڙڪن 65 سالن کان اهو فيصلو ڪيو آهي ته هو ڪيوبا کي آمريڪا جي منڊي بڻجڻ نه ڏيندا. اڄ آمريڪا جو پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اسپينش ٻوليءَ ۾ جوشيلو انداز ۾، مذاق جهڙي نموني فلوريڊا کان صرف سئو ميلن جي فاصلي تي واقع هڪ ننڍڙي ٻيٽ ڪيوبا کي آمريڪا جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسيءَ لاءِ هڪ وڏو خطرو قرار ڏئي رهيو آهي. اڄ آمريڪا جي وينزويلا ۽ ڪيوبا بابت پاليسين تي مارڪو روبيو جي مهر صاف نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس والدين ڪيوبن انقلاب کان صرف ٽي سال اڳ ڪيوبا مان نڪري ميامي ۾ آباد ٿيا هئا ۽ ائين مارڪو روبيو پهرين ڏينهن کان ئي پنهنجي سياسي سڃاڻپ ‘اينٽي ڪاسترو’ طور مڃائي. اڄ هو پوري لاطيني آمريڪا ۾ کاٻي ڌر جون حڪومتون ختم ڪرڻ جو علمبردار بڻيل آهي. مبصرن جو خيال آهي ته هو ۽ دفاع جو وزير پيٽ هيگسيٿ، صدر ٽرمپ جي ذريعي آمريڪا کي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن جنگ ۾ ڦاسائي آمريڪي ملٽري انڊسٽريل ڪمپليڪس، آمريڪي ارب پتي ڪروڙپتي ماڻهن ۽ صهيونيسٽ لابيءَ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. پر جيڪڏهن ان ئي طاقت جي زور تي، بنا ڪنهن حڪمت عملي جي ۽ تاريخ مان سبق حاصل ڪرڻ کان سواءِ آمريڪا ڪيوبا تي حملو ڪيو، ته ڪيوبن عوام به ايران وانگر هڪ قوم بڻجي آمريڪا جو مقابلو ڪندي ‘بي آف پگز’ جي ياد تازي ڪرائي سگهي ٿو.