لاهور(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ پگهاردار ۽ وچولي طبقي کي فوري طور تي رليف فراهم ڪري ۽ انهن تي لاڳو ڪيل ڳري ٽيڪسن ۾ نمايان گهٽتائي ڪري.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت وچولي ۽ پگهاردار طبقي کان 605 ارب رپيا انڪم ٽيڪس گڏ ڪيو آهي، جڏهن ته اهو ئي طبقو هن وقت سخت معاشي دٻاءُ ۾ آهي.هن چيو ته ٻارن جي تعليم، بجلي ۽ گئس جا ڳرا بل، مهانگو پيٽرول، غير قانوني ليوي، کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس، صحت ۽ علاج جي خرچن ۾ واڌ ۽ مهانگائي جي طوفان عوام جي زندگين کي ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو آهي.جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومتي قدمن ۽ معاشي پاليسين عوام لاءِ جيئڻ ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري حڪومت کي بجيٽ ۾ فوري طور تي رليف جا قدم کڻڻ گهرجن.هن مطالبو ڪيو ته 125,000 رپين جي ماهوار پگهار تي لاڳو ڪيل آمدني ٽيڪس کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي.