ملير(رپورٽ: جميل چانڊيو) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ملير جي صدر شهيد مرتضيٰ بلوچ جي ڇهين ورسي جي تقريب حاجي فقير محمد بلوچ ڳوٺ گڏاپ ۾ انتهائي عقيدت، احترام ۽ جوش و خروش سان منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي، سماجي، صحافتي ۽ عوامي حلقن سان تعلق رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شهيد اڳواڻ کي ڀيٽا پيش ڪئي. ورسي تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ملير جي صدر ايم پي اي راجا عبدالرزاق بلوچ،جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو،صوبائي وزير شاهينا شير علي، سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار محمد سليم بلوچ، قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد آغا رفيع الله، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر محمد ساجد جوکيو، ابراهيم حيدري ٽائون جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو، گڏاپ ٽائون جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ، چيئرمين ملير ٽائون جان محمد بلوچ، چيئرمين مارڪيٽ ڪميٽي ڪراچي علي زمان جوکيو، فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطما مجيد، شاهجهان خان، آغا طارق پٺاڻ، مرتضيٰ يار محمد، جاويد ناياب لغاري، حاڪم جسڪاڻي،سردار حاڪم نوحاڻي،حاجي منظور بلوچ، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر، صدرالدين شيخ، جنرل سيڪريٽري آصف جتوئي، مصطفيٰ عباسي، حنيف سومرو، حسن ٽڳڙ، جميل چانڊيو سميت پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن، سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران شهيد مرتضيٰ بلوچ جي سياسي، سماجي ۽ عوامي خدمتن کي ڀرپور لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ويو. مقررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شهيد مرتضيٰ بلوچ سڄي زندگي عوام جي خدمت، جمهوريت جي مضبوطي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نظريي جي واڌاري لاءِ جدوجهد ڪئي. هن ملير ضلعي جي ترقي، بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، خاص طور تي ڪورونا وبا جي ڏکين ۽ خطرناڪ ڏينهن دوران هن پنهنجي صحت ۽ جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي ماڻهن جي خدمت جو سلسلو جاري رکيو جنهن سبب هو اڄ به عوام جي دلين ۾ زندهه آهي. مقررَن چيو ته شهيد مرتضيٰ بلوچ جي سياسي بصيرت، عوام دوست پاليسين ۽ قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو،هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن لاءِ شهيد مرتضيٰ بلوچ جي جدوجهد هڪ مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿي ۽ سندس مشن کي جاري رکڻ ئي سندس لاءِ حقيقي خراج عقيدت آهي. تقريب ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت، فاتحه خواني ۽ شهيد مرتضيٰ بلوچ جي ايصال ثواب لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي شهيد مرتضيٰ بلوچ جي فرزند ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ، شهيد جي ڀائرن انور بلوچ ۽ غلام مصطفيٰ بلوچ پنهنجي خطاب دوران ان عزم جو اظهار ڪيو ته شهيد مرتضيٰ بلوچ جي سوچ، نظريي ۽ عوامي خدمت جي جذبي کي اڳتي وڌايو ويندو ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ سندن اڌورا مشن مڪمل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي. تقريب جي پڄاڻي تي مفتي عبيد جان سرهندي ملڪ جي سلامتي، استحڪام، جمهوريت جي مضبوطي ۽ شهيد مرتضيٰ بلوچ جي بلند درجات لاءِ خصوصي دعائن سان ڪئي وئي.آخر ۾ شھيد مرتضي بلوچ جي وڏي ڀاءُ انور بلوچ ورسي تقريب ۾ آيل سمورن مھمانن جو شڪريو ادا ڪيو