وچولي ۽ پگهاردار طبقي کي بجيٽ ۾ رليف ملڻ گهرجي:حافظ نعيم الرحمان

لاهور(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ پگهاردار ۽ وچولي طبقي کي فوري طور تي رليف فراهم ڪري ۽ انهن تي لاڳو ڪيل ڳري ٽيڪسن  ۾ نمايان گهٽتائي ڪري.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت وچولي ۽ پگهاردار طبقي کان 605 ارب رپيا انڪم ٽيڪس گڏ ڪيو آهي، جڏهن ته اهو ئي طبقو هن وقت سخت معاشي دٻاءُ ۾ آهي.هن چيو ته ٻارن جي تعليم، بجلي ۽ گئس جا ڳرا بل، مهانگو پيٽرول، غير قانوني ليوي، کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس، صحت ۽ علاج جي خرچن ۾ واڌ ۽ مهانگائي جي طوفان عوام جي زندگين کي ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو آهي.جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومتي قدمن ۽ معاشي پاليسين عوام لاءِ جيئڻ ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري حڪومت کي بجيٽ ۾ فوري طور تي رليف جا قدم کڻڻ گهرجن.هن مطالبو ڪيو ته 125,000 رپين جي ماهوار پگهار تي لاڳو ڪيل آمدني ٽيڪس کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.