ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي صوبائي محتسب سنڌ آفيس جي طرفان پيش ڪيل رپورٽ موجب 2025ع دوران 25217 عوامي شڪايتون مليون – جيڪي گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ رڪارڊ 236 سيڪڙو اضافو ڏيکارين ٿيون جڏهن ته 8789 ڪيسن ۾ ريليف فراهم ڪيو ويو ۽ شهرين لاءِ 4.29 ارب رپين جا مالي فائدا حاصل ڪيا ويا. اهو انڪشاف اداري جي سالياني رپورٽ 2025ع ۾ ڪيو ويو، اها رپورٽ ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي محتسب ڊاڪٽر سهيل راجپوت پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پيش ڪئي وئي. رپورٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ شڪايتون مقامي حڪومت جي ادارن خلاف داخل ڪيون ويون جن ۾ يونين ڪائونسلن ۽ ٽائون ڪميٽين خلاف 10 ھزار شڪايتون رجسٽرڊ ٿيون. ٻين کاتن جن کي وڏي تعداد ۾ شڪايتون مليون تن ۾ روينيو کاتو (3345)،اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتو (2261)، پوليس کاتو (1965)،ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن (1685)، ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ ختم ٿيل ڊسٽرڪٽ ڪائونسلون (1510)، آبپاشي کاتو (604)، اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ (598)، صحت کاتو (554)، ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ رورل ڊولپمينٽ کاتو (521) شامل آهن. انصاف تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ لاءِ محتسب جي آفيس يونين ڪائونسل ۽ تعلقي سطح تي 423 کليون ڪچهريون منعقد ڪيون ۽ اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ 120 آگاهي سيشن هلايا. رپورٽ پيش ڪندي ڊاڪٽر سهيل راجپوت چيو ته ادارو سنڌ جي ماڻهن کي بروقت، مفت انتظامي انصاف فراهم ڪرڻ سان گڏ شفافيت، جوابدهي ۽ ذميواراڻي گورننس کي هٿي ڏيڻ لاءِ عزم سان ڪم ڪري رهيو آهي.