اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اوور سيز چيمبر آف ڪامرس جي سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروباري اعتماد ڪمزور ٿي ويو آهي، ۽ 70 کان 80 سيڪڙو ادارن پنهنجا سيڙپڪاريءَ جا فيصلا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن.سروي موجب، مجموعي ڪاروباري اعتماد 9 سيڪڙو پوائنٽس جي گھٽتائيءَ کانپوءِ هاڻي مثبت 13 سيڪڙو رهجي ويو آهي، جڏهن ته خدمتن (سروسز) جي شعبي ۾ ڪاروباري اعتماد 20 پوائنٽس ڪرندڙ شرح سان مثبت 14 سيڪڙو تي اچي بيٺو آهي.اوور سيز چيمبر جي سروي مطابق، مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ ڪاروباري اعتماد 7 پوائنٽس گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته رڳو ريٽيل (پرچون) سيڪٽر ۾ ڪاروباري اعتماد 3 پوائنٽس جي واڌ سان مثبت 20 سيڪڙو ٿيو آهي.سروي ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته نئين سيڙپڪاريءَ جو انڊيڪس 10 پوائنٽس جي گھٽتائيءَ کانپوءِ رڳو مثبت 2 سيڪڙو رهجي ويو آهي