نقلي دوائن جي خاتمي لاءِ ٽريڪ ۽ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ جعلي دوائن جو مڪمل خاتمو يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي ڪابينا دوائن جي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڊرگ ليبلنگ اينڊ پيڪنگ رولز 1978 ۾ ضروري  ترميمون منظور ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ موجب هي فيصلو پاڪستان ۾ جعلي دوائن جي خاتمي ڏانهن هڪ وڏو ۽ تاريخي قدم آهي. هن چيو ته پهريون ڀيرو هر دوا کي ڊجيٽل طريقي سان ٽريڪ ۽ تصديق ڪري سگهجي ٿو. هن نظام تحت جعلي، غير معياري ۽ نقلي دوائن جي سڃاڻپ ۽ خاتمو ممڪن ٿيندو. ان سان عام ماڻهو سولائي سان دوا جو مدي ۽ اگهن بابت صحيح ڄاڻ حاصل ڪري سگهندو. وفاقي وزير موجب ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان هن جديد نظام کي سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪندي. نون قاعدن تحت سڀني دوا ٺاهيندڙ ڪمپنين ۽ درآمد ڪندڙن لاءِ لازمي هوندو ته هو هر دوا جي پيڪ تي معياري ٻه-ڊي بارڪوڊ ۽ سيريئل نمبر لکن. هي فيصلو دوا جي سپلائي چين کي محفوظ ۽ معياري بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ دوائن جي نظام کي جديد انداز ۾ ترتيب ڏنو پيو وڃي. ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي لاڳو ٿيڻ سان جعلي دوائن خلاف هڪ مضبوط ۽ اثرائتي ڀت قائم ٿيندي. پاڪستان خطي ۾ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪندڙ اهم ملڪ طور سامهون ايندو. هن نظام سان نگراني جا پراڻا طريقا ختم ٿي جديد ڊجيٽل نظام اچي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.