ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز) بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي خلاف بغاوت ۽ ماڻهن کي رياستي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.اهو ڪيس عبدالولي غيبزئي نالي هڪ شهريءَ جي فرياد تي افغانستان سان لڳندڙ بلوچستان جي سرحدي شهر چمن ۾ محمود خان اچڪزئي جي جلسي دوران ڪيل هڪ خطاب جي بنياد تي داخل ڪيو ويو آهي.اهو جلسو پشتونخوا ملي عوامي پارٽي پاران عيد جي ٽئين ڏينهن چمن شهر ۾ منعقد ڪيو ويو هو.پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل عبدالرحيم زيارتوال ان ڪيس کي رد ڪندي چيو آهي ته قانوني جوابداري ۽ پرامن جدوجهد ذريعي ان هٿڪنڊي کي ناڪام بڻايو ويندو.ايف آءِ آر جي متن موجب، محمود خان اچڪزئي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته بلوچستان ۾ روز گاڏين کي باهيون ڏنيون پيون وڃن ۽ صوبائي حڪومت عوام کي مڪمل تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.ايف آءِ آر مطابق محمود خان اچکزئي چيو ته اسان تي فارم 47 جا جعلي حڪمران مڙهيا ويا آهن.’متن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته محمود خان اچڪزئي مختلف قبيلن مان ماڻهو کڻي هڪ متبادل آرمي (فوج) ٺاهڻ جي تجويز ڏني.’پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل عبدالرحيم زيارتوال ان ڪيس کي رد ڪندي چيو آهي ته پوليس هڪ غير سرڪاري شخص جي چوڻ تي ملڪ جي صف اول جي جمهوري ۽ سياسي اڳواڻ خلاف اهڙو ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي.بي بي سي سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته جن ماڻهن اهو ڪيس داخل ڪرايو آهي، اهي محمود خان اچڪزئي جي مقبوليت کان ڊنل آهن ۽ اهڙن هٿڪنڊن ذريعي سندس رستو روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن.