واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ٽينس اسٽار ۽ 23 گرانڊ سليم کٽيندڙ 44 ورهين جي سرينا وليمز چئن سالن جي وٿي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورٽ ۾ واپسيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، هن پنهنجو آخري پروفيشنل مقابلو 3 سيپٽمبر 2022ع تي يو ايس اوپن ۾ کيڏيو هو، جنهن جي ٽئين رائونڊ ۾ کيس شڪست ٿي هئي.
سرينا وليمز اکين ۾ لڙڪن سان ڪورٽ کي الوداع چيو هو پر باضابطا رٽائرمينٽ جو اعلان نه ڪيو هو.
هاڻي هوءَ سال جي ٽئين گرانڊ سليم ”ومبلڊن چيمپيئن شپ“ کان اڳ انگلينڊ ۾ ٿيندڙ هڪ ٽورنامينٽ ۾ وومين ڊبلز جي مقابلي ۾ شرڪت ڪندي.