ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ڪنزا هاشميءَ انڪشاف ڪيو آهي ته کيس هڪ نه پر ڪيترن ئي خطرناڪ اسٽاڪرز (پيڇو ڪندڙن) کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن کان پوءِ سندس لاءِ ماڻهن تي اعتماد ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو.
ميڊيا رپورٽس موجب هڪ تازي انٽرويو دوران ڳالهائيندي ڪنزا هاشمي ٻڌايو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ هڪ شخص سندس جنوني مداح هو، جنهن سندس گهر جي ملازمن کي پئسا ڏئي پنهنجي ساٿ ۾ شامل ڪري ورتو هو. اداڪارا موجب، گهر جو عملو ستن سالن کان ساڻس ڪم ڪري رهيو هو، پر بعد ۾ خبر پئي ته اهي سندس گهر جون نجي تصويرون، ذاتي شيون ۽ ايتري تائين جو سندس دوائن جون تصويرون به ڳجهي نموني ان شخص ڏانهن موڪليندا رهيا.
ڪنزا هاشمي چيو ته جڏهن کيس ان حقيقت جي ڄاڻ ملي ته هوءَ سخت صدمي ۾ هلي وئي ۽ ان واقعي کان پوءِ ماڻهن تي اعتماد ڪرڻ سندس لاءِ تمام ڏکيو ٿي پيو. هن هڪ ٻئي خوفناڪ واقعي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته هڪ ٻيو اسٽاڪر سندس ڊرامي جي سيٽ تائين پهچي ويو هو ۽ بعد ۾ سندس گهر به اچي نڪتو، پر اپارٽمينٽ نمبر نه ملڻ سبب هو پهچي نه سگهيو. اداڪارا موجب، کيس ان شخص کان جان ڇڏائڻ لاءِ سيٽ تي موجود عملي جي مدد وٺڻي پئي. هن چيو ته مشهور شخصيتن کي اهڙن روين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، پر ڪيترين ئي حالتن ۾ سڌي ريت شڪايت داخل ڪرائڻ يا قانوني ڪارروائي ڪرڻ به آسان نه هوندو آهي.