اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)عالمي ناڻي فنڊ جي پروگرام سبب ملڪ جي ترقياتي بجيٽ متاثر ٿي آهي ۽ رٿيل ناڻي جي واپرائڻ ۾ وڏي گهٽتائي سامهون آئي آهي.
آءِ ايم ايف جي پروگرام هيٺ لاڳو سخت شرطَن سبب ترقياتي بجيٽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته ترقياتي ڪمن لاءِ رکيل هڪ هزار ارب رپين مان هينئر تائين رڳو 528 ارب رپيا ئي خرچ ڪري سگهيا آهن.
احسن اقبال جي صدارت هيٺ سومر ڏينهن سالياني رٿابندي هم آهنگي ڪميٽي آڏو پيش ڪيل ڪم ڪندڙ دستاويز موجب، حڪومت سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام لاءِ هڪ هزار ارب رپيا رکيا هئا، جن مان وزارتن، ڀاڱن ۽ انتظامي ادارن جولاءِ 2025 کان 25 مئي 2026 تائين 528 ارب رپيا خرچ ڪيا.
سالياني رٿابندي هم آهنگي ڪميٽي جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ ناڻي ۾ لڳاتار گهٽتائي اچي رهي آهي. سيڙپڪاري گڏيل قومي پيداوار جي 2.6 سيڪڙو مان گهٽجي 0.6 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي.
هن چيو ته پنج هزار ارب رپين جي رٿائن جا پي سي ون تيار ٿي رهيا آهن، جڏهن ته انهن رٿائن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏهه هزار ارب رپين جي گهرج آهي. سندس چوڻ هو ته مالي سال 2018 کان پوءِ ترقياتي رٿائن لاءِ وسيلا لڳاتار گهٽجندا رهيا آهن، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ جي حوالي سان صوبا وڌيڪ سگهارا ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته صوبائي ترقياتي بجيٽن ۾ واڌ ٿي آهي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ وزارتن ترقياتي رٿائن خاطر ٽي هزار ارب رپين جي گهر ڪئي هئي، پر وفاقي ترقياتي پروگرام اڃا به 2018 واري هڪ هزار ارب رپين جي سطح تي بيٺل آهي. اهڙي حالت ۾ رڳو چونڊيل رٿائن تي ئي ڪم اڳتي وڌائي سگهجي ٿو.