لاڙڪاڻي ۾ ڏينهن ڏٺي جو پيءُ هٿان ڌيءَ ۽ سندس مڙس قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش

لاڙڪاڻو (ن ع آ ) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ پسند  جي شادي ڪندڙ جوڙو قتل، جوابدار هٿيار سميت ٿاڻي تي پيش، ان سلسلي ۾ رپورٽن موجب الھه آباد ٿاڻي جي حد اتاترڪ ٽاور وٽ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار محمد پريل انڙ فائرنگ ڪري پسند جي شادي ڪندڙ ڪندڙ پنهنجي 30 سالن جي ڌيءَ فردوس ۽ سندس مڙس الهه آباد پاڙي جي رهواسي جاويد علي ڪوڪاري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي لاش کڻائي  ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيا، واقعي کان پوءِ جوابدار محمد پريل انڙ پوليس آڏو پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي، الهه آباد ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنهن معاملي تان پيش آيو آهي، شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته مقتول جاويد علي ڪوڪاري ڪجهه وقت اڳ فردوس انڙ سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ اڄ اهڙو واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ پيش پيل جوابدار کان جاچ ڪئي پئي وڃي، شهر اندر اهي چوٻول پڻ هلي رهيا هئا ته مقتولا عورت فردوس تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ هئي ۽ کيس پنهنجي والده ملڪيت مان رهائشي گهر حصي طور ڏنو هو، جنهن جڳھه جي گهر واري مسئلي تان سندس جوابدار والد کيس مڙس سميت گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد پوليس آڏو پيش پيو آهي.

لاڙڪاڻي ڀرسان هٿياربندن جو حملو، هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي قتل

لاڙڪاڻو (رپورٽ: ساجد علي تنيو) لاڙڪاڻي ڀرسان مبينا طور پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي قتل ٿي ويا، نينگري سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ماهوٽا ٿاڻي جي حد سنڌ گرين ڪالوني ۾ مغيري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گهر ۾گهڙي ننڊ ستل گهر ڀاتين مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 55 سالن جي پيرسن عورت زرينه خاتون مغيري، سندس 36 ورهين جو پٽ ضمير، 28 ورهين جو روشن ۽ صائمه مغيري ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته بندهه علي ۽ 3 ورهين جي نينگري ڪجلي مغيري سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي لاش ۽ زخمين کي کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته گذريل رات دير سان پراڻي تڪرار تان بااثر غلام نبي مغيري پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏجي گهر تي حملو ڪري اسان جي چئن ڄڻن کي قتل ۽ نينگري سميت 2 ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن واقعي بابت ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، جڏهن ته مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ٻئي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ته 2 سال اڳ مغيري برادري جو اصغر علي مغيري مارجي ويو هو، جنهن واقعي جو ڪيس مقتول ڌر مٿان داخل ٿيل هو، جنهن کان پوءِ ڌرين ۾ مسلسل ڇڪتاڻ هلندي رهندي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل رات دير سان اهڙو واقعو پيش آيو، چئن گهرڀاتين جي قتل کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

لاڙڪاڻو بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي:ڊاڪٽر صفدر عباسي

لاڙڪاڻو( رپورٽ: ساجد علي ) فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ ۽ جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر علي عباسي،  اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي، بيرسٽر ڪاظم علي عباسي ۽ رافع علي عباسي لاڙڪاڻي ۾ پيش آيل مختلف واقعن دوران ڇهن ڄڻن جي قتل ۽ پوليس اهلڪار مجيب الرحمان سولنگي جي قتل واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ان حوالي سان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هنن چيو ته ڪافي عرصي کان لاڙڪاڻي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي. هنن چيو ته ڪالهه ٻن پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻيو زخمي ٿيو، جڏهن ته اڄ ماهوٽا ٿاڻي جي حد ۾ مغيري برادري جي تڪرار دوران چار ڄڻا قتل ٿيا ۽ الله آباد ٿاڻي جي حد ۾ مڙس ۽ زال جي قتل جو واقعو پڻ انتهائي افسوسناڪ آهي.هنن متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته فنڪشنل ليگ ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪري ٿي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻو بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي ۽ پوليس کي بااثر ماڻهن ۽ وڏيرن جي خدمت لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. هنن چيو ته هن وقت ڪو به شهري پاڻ کي محفوظ نٿو سمجهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن امان برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن.هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ لاڙڪاڻي سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن.

سنڌ ۾ هڪ ڏينهن اندر عورتن سوڌو 11 ماڻهو قتل

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سنڌ ۾ هڪ ڏينهن اندر قبيلائي جهيڙن، ڪارنهن الزام ۽ گهرو مسئلن تان واقعن سبب 11 ماڻهو قتل ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان معلوم ٿيو ته شڪارپور همايون ٿاڻي جي حد ۾ پير جليل ڀرسان بکراني برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي دشمني هڪ ڀيرو ٻيهر خوني جهيڙي جي صورت اختيار ڪري وئي جتي ٻنهي ڌرين وچ ۾ شديد فائرنگ  جو سلسلو جاري رهيو، پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا عبدالجبار بکراني ۽ آغا بکراني قتل ٿي ويا جڏهن ته هڪ عورت به قتل ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، رائونتي ۾ مڙس خادم شر ڪارنهن تهمت مڙهي ڳورهاري زال کي قتل ڪري لاش درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، واقعي جو 8 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو،  لاڙڪاڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ۽ پراڻي دشمني تان هڪ ڏينهن ۾ ٻن عورتن سوڌو 6 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، راڄوخاناڻي ڀرسان پڻ مڙس پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ ڏينهن ۾ 11 ماڻهن جي قتل تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، 11 ماڻهن جي قتل جو ذميوار سردارن ۽ ڀوتارن کي قرار ڏنو ويو، سوشل ميڊيا واهپيدارن چيو ته قاتلن کي سردارن جي پٺڀرائي حاصل آهي، جيڪي 10، 10 خون ڪري وري آزاد ٿي نڪري اچن ٿا پوءِ وري اهي ڪنهن بيگناهه کي قتل ڪري ڇڏين پر قانون انهن لاءِ سخت ناهي، سڄي سنڌ کي سردارن ۽ ڀوتارن خلاف اٿڻو پوندو.

راڄو خاناڻي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال قتل

راڄوخاناڻي (رپورٽ: امداد علي نظاماڻي) راڄوخاناڻي ڀرسان ٽنڊو غلام علي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ڪپري موري مين روڊ جي مير خان  بس اسٽاپ لڳ  ڳوٺ پوڙهو لاشاري ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي سرن جي  بٺي تي رهندڙ موسيٰ خان پٺاڻ مبينا طور گهرواڻبڻت تان پنهنجي 25 سالن جي زال فهميده کي گھر ۾ ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي ٽنڊو غلام علي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت فهميده جي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ لاش  ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ ٽنڊو غلام علي اسپتال پهچايو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جا وڌيڪ تفصيل ورتا پيا وڃن ۽ انھي واقعي جاچ پڙتال پڻ ڪئي پئي وڃي ھوڏانھن جوابدار محمد موسيٰ پٺاڻ واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.