ڪراچي (رپورٽر) نيپيئر ٿاڻي ۾ مقرر هڪ عورت پوليس آفيسر طرفان ساٿي پوليس آفيسرن تي لڳايل سنگين الزامن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد معاملو تڪراري بڻجي ويو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي فوري طور نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ڏکڻ کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي حقيقتن تي ٻڌل مڪمل انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عيدگاهه ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 91/26 جي جاچ دوران پيدا ٿيل سوالن ۽ نيپيئر ٿاڻي ۾ مقرر عورت پوليس آفيسر روبينه شاهين جي الزامن معاملي کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو، وائرل وڊيو ۾ عورت آفيسر مبينا بدسلوڪي جا الزام لڳائيندي اعليٰ اختيارين کان تحفظ ۽ مدد جي اپيل ڪئي، عورت آفيسر جو چوڻ آهي ته ريمانڊ تي موجود جوابدار کي ٿاڻي ۾ خاص پروٽوڪول ۽ سهولتون ڏنيون پيون وڃن، جنهن تي هن کي سخت تحفظات آهن، مون کي پريشان ڪيو پيو وڃي، ڊي ايس پي صاحب روزانو لاڪ اپ ۾ اچي جوابدار کي اگهاڙو ڪري چوي ٿو ته هن جون ڄنگهون ڀڳل آهن، ڊي ايس پي اهلڪارن کي چوي ٿو ته هن عورت کان ڊڄو ڇو ٿا، هن کي اگهاڙو ڪري زيادتي ڪيو ڪجهه نه ٿيندو، ڪنهن به عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو ڪجهه نه ٿيندو، مون کي هن وقت تائين هن جو رمانڊ ئي ناهي ڏنو ويو، هن کان مون جاچ ئي ناهي ڪئي، مون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ڊي آءِ جي ڏکڻ پڻ معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي انويسٽيگيشن سٽي کان تفصيلي انڪوائري طلب ڪئي، هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪيس جا سمورا رخ، جاچ عمل، لاڳاپيل آفيسرن جو ڪردار ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ دعوائون جاچي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ذريعن موجب اهو ڪيس هڪ غير مسلم ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جي ڀڄي شادي سان لاڳاپيل آهي. اختيارين چيو آهي ته انڪوائري رپورٽ بعد قانون ۽ ضابطن موجب وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.