ڪراچي ۾ بجلي بحران سبب اليڪٽرڪ بس سروس متاثر

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪراچي ۾ جاري اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جا اثر هاڻي شهري ٽرانسپورٽ نظام تي به ظاهر ٿيڻ لڳا جنهن سبب اليڪٽرڪ بس سروس جزوي طور متاثر ٿي وئي، بجلي جي عدم فراهمي سبب ڪجهه روٽن تي معمول موجب آپريشن جاري رکڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ  لڳيون، پيپلز بس سروس جي انتظاميا موجب گذريل 3 ڏينهن کان مهراڻ ڊپو کي بجلي جي فراهمي معطل آهي، جنهن سبب اليڪٽرڪ بسون چارج نه ٿي رهيون آهن ۽ سروس متاثر ٿي آهي، انتظاميا جو چوڻ آهي ته صورتحال کي ڏسندي عارضي طور تي اليڪٽرڪ بسن جي بدران هائبرڊ بسون مختلف روٽس تي هلائڻ شروع ڪيون ويون آهن ته جيئن مسافرن کي گهٽ کان گهٽ تڪليف ٿئي، انتظاميا موجب اي وي ون روٽ ملير ڪينٽ کان سي ويو تائين جڏهن ته اي وي ٿري روٽ ملير ڪينٽ کان نمائش تائين سروس فراهم ڪري ٿو، ساڳئي طرح آر ون پنڪ بس سروس کُوکرا پار کان ڊاڪيارڊ تائين هلائي وڃي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.