وزيراعظم سان چيمبرز آف ڪامرس جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وزيراعظم شهباز شريف سان ملڪ جي مختلف چيمبرز آف ڪامرس جي هڪ وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران وفد ايندڙ بجيٽ ۽ ملڪ جي مجموعي معاشي ترقي لاءِ وزيراعظم کي اهم تجويزون پيش ڪيون.تفصيل موجب، وزيراعظم چيو ته مسلسل محنت سان معيشت کي استحڪام مليو آهي، تيز تر معاشي ترقي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين، ۽ صنعتي ترقي ۽ پيداوار وڌائڻ لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ وڌيڪ قدم کنيا ويندا. وزيراعظم ايف بي آرکي 15 جون تائين ٽيڪس  ريفنڊ جا سڀئي التوا ۾ پيل ڪيس حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته برآمد تي ٻڌل معاشي ترقي جو مشن گڏيل ڪوششن سان يقيني بڻائينداسين. ايڪسپورٽ ريفائنانس اسڪيم جي شرح جون 2027 تائين 4.5 سيڪڙو تي برقرار رهندي، ۽ برآمد ڪندڙن جي سهولت لاءِ بئنڪن جو اهو فيصلو ساراهه جوڳو آهي.شهباز شريف روينيو آٽوميشن لميٽيڊ جو مرڪزي آفيس ڪراچي منتقل ڪرڻ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي درخواست تي گجرات ۾ پاسپورٽ آفيس کولڻ جي هدايت ڪئي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف سان يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪايا ڪالاس جي ملاقات جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ڪايا ڪالاس پاڪستان سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ يورپي يونين جي وڏي دلچسپي جو اظهار ڪيو.پڌرنامي موجب، وزيراعظم يورپي يونين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي اٺين دور تي اطمينان جو اظهار ڪيو.  هن يورپي يونين سان تجارت ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان يورپي يونين سان گهڻ رخي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهان آهي.پڌرنامي موجب، موسمياتي تبديلي، سلامتي، هجرت، پائيدار ترقي ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪ يورپي يونين جي مضبوط تجارتي لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ جي ايس پي پلس جي اهميت کي نمايان ڪيو.ملاقات دوران علائقائي ۽ بين الاقوامي صورتحال تي به تفصيلي خيالن جي ڏي‌وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم خليجي خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي يورپي يونين جي حمايت جو شڪريو ادا ڪيو.وزيراعظم جو چوڻ هو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير انهن ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.وزيراعظم خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ يورپي يونين جي ڪوششن جي ضرورت تي خاص زور ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.