ڪراچي/ حب (نمائندن وٽان) حب پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ جي مک ڪيبل ۾ خرابي سبب اوچتو بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ شهر کي روزانو 85 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي، مک ڪيبل فالٽ سبب پمپنگ اسٽيشن جي بجلي بند ٿي وئي، جنهن سان ڪراچي کي 85 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن رابطو ڪيو، جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيڪنيڪل ٽيم فوري طور تي موقعي تي پهچي صورتحال جو جائزو ورتو، شروعاتي جاچ دوران ڪي اليڪٽرڪ اختيارين تصديق ڪئي ته پمپنگ اسٽيشن کي بجلي فراهم ڪندڙ مين ڪيبل ۾ فالٽ پيدا ٿيو آهي، جنهن سبب بجلي متاثر ٿي، ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيم مرمتي ڪم ۾ مصروف آهي، جڏهن ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن صورتحال جي نگراني ڪري رهي آهي ته جيئن پاڻي جي فراهمي جلد بحال ٿي سگهي.