هل پارڪ تي جعلي اين او سي ذريعي قبضن جو انڪشاف

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ڪراچي ۾ پاڪستان ايمپلائز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي زمين تي تعميرات جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. دستاويزن موجب، قبضا مافيا 21 اپريل تي لينڊ  ڊپارٽمينٽ جي جعلي اين او سي  ڏيکاري هل پارڪ انتظاميا کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.ذريعن موجب، ڪي ايم سي 28 اپريل تي ڊي جي پارڪس کي خط لکي اين او سي بابت آگاهه ڪيو، جنهن کانپوءِ اها اين او سي جعلي هجڻ جي تصديق ٿي وئي. ان بعد قبضا مافيا لينڊ ڊپارٽمينٽ سان رابطو ڪيو، جنهن تي 30 اپريل تي هڪ مشروط اين او سي جاري ڪئي وئي.خط جي متن موجب، مشروط اين او سي ۾ واضح هدايتون ڏنيون ويون هيون ته سرڪاري زمين ۽ پارڪ جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي تعميرات نه ڪئي وڃي.وڌيڪ دستاويزن موجب، لينڊ ڊپارٽمينٽ 18 مئي تي سيڪريٽري پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي کي خط لکي پلاٽ نمبر 39-G/4، بلاڪ 6 جي مالڪي جا تفصيل طلب ڪيا. خط ۾ سهيل اقبال کي پلاٽ جو مالڪ ۽ وجاهت حسين کي پاور آف اٽارني ظاهر ڪيو ويو هو.اختيارين موجب، پلاٽ جي مالڪي جي حوالي سان ڪي ايم سي کي لينڊ ڊپارٽمينٽ پاران اڃا تائين ڪو به جوابي خط وصول ناهي ٿيو.ٻئي طرف، عيد کان اڳ ميئر ڪراچي هِل پارڪ سان گڏيل زمين تي تعميراتي ڪم کي روڪرائي ڇڏيو هو.ڪي ايم سي اختيارين جو چوڻ آهي ته انڪوائري مڪمل ٿيڻ کانپوءِ واقعي جي ذميوارن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.