ڪراچي (رپورٽر) تيز گرمي، هوا ۾ نمي جي موجودگي ۽ ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ هوائن جي سلسلي سبب سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، موسميات کاتي موجب ڪشمور، گهوٽڪي، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعن ۾ ڪٿي ڪٿي طوفاني هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ هلڪي برسات جو امڪان آهي، رپورٽ موجب صوبي جي اڪثر علائقن ۾ موسم سخت گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران موسم جزوي ڪڪرن واري، گرم ۽ هوا ۾ نمي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، شهر ۾ صبح جو نمي جو تناسب 70 سيڪڙو ۽ شام جو 75 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته ايندڙ ٽن ڏينهن دوران سامونڊي هوائون به فعال رهنديون.
سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ غيرقانوني ڀرتيون، ڌرين کي نوٽيس
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ غير قانوني ڀرتين خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ورڪرز ويلفيئر بورڊ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت گرمين جي موڪلن کان پوءِ ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذارقائم الدين جو موقف هو ته سنڌ ۾ گريڊ 1 کان گريڊ 5 تائين ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ غير قانوني ڀرتيون ڪيون ويون آهن،سموريون ڀرتيون اشتهارن کان سواءِ ۽ ضابطن جي خلاف ڪيون ويون آهن.