عمران خان ۽ اسٽيبلشيمنٽ وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار

اسلام آباد(اسد علي طور) عمران خان بابت هڪ خبر هلائي وئي ته سندس هڪ اڳوڻي آرمي چيف سان ملاقات ٿي آهي، جنهن پنهنجي دور ۾ ايڪسٽينشن (مدي ۾ واڌ) ورتي هئي. اها ڪجهه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي. خبر ۾ چيو ويو ته اها ملاقات اسٽيبلشمينٽ جي مرضي سان ٿي، تنهنڪري جيڪڏهن جنرل باجوه ناهي ته ٻيو نالو جنرل اشفاق پرويز ڪياني جو بچي ٿو. هن وقت عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ جيڪو ڊيڊ لاڪ آهي، ان کي  ڪو به اڳوڻو جنرل نٿو ٽوڙائي سگهي. اڳوڻن جرنيلن مان اڪثر پي ٽي آئي پروجيڪٽ سان وابسته رهيا آهن، تنهنڪري موجوده اسٽيبلشمينٽ انهن تي اعتماد نٿي ڪري. جيڪڏهن اوهان ڏسو ته پڇاڙي ۾ جيڪي رٽائرڊ جنرل ٽي وي اسڪرين تي تمام گهڻو سرگرم هوندا هئا، جهڙوڪ جنرل امجد شعيب ۽ ٻيا ڪيترائي نالا، اهي سڀ هاڻي غائب ٿي ويا آهن. هو پهريان اچي پي ٽي آءِ جو دفاع ڪندا هئا، پر هاڻي انهن کي هٽايو ويو آهي. انهن مان ڪجهه جي پينشن به بند ڪئي وئي، جيڪا بعد ۾ معافي گهرڻ ۽ پي ٽي آءِ سان تعلق ختم ڪرڻ تي بحال ٿي. جيڪڏهن عمران خان سان ڪنهن کي ملڻو به هوندو ته موجوده نظام جا اهم ماڻهو ملي سگهن ٿا، جهڙوڪ ڊي جي ايم او، ڊي جي آءِ ايس آءِ، محسن نقوي، اٽارني جنرل ملي سگهن ٿا، جيڪڏهن رياست ڪا ڊيل چاهيندي. پر اها اسٽيج اڃا ناهي آئي، اڃا تمام جلدي آهي. هن وقت صرف وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ محسن نقوي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيون آهن.اهو سوچڻ ته ڪو اڳوڻو آرمي چيف ملڻ ويو، ممڪن ناهي.

عمران ۽ اڳوڻي آرمي چيف وچ ۾ ملاقات جي خبر ڪوڙي آهي:عليمه خان

راولپنڊي(عوامي آواز نيوز) عليمه خان اڳوڻي آرمي چيف جي عمران خان سان ملاقات واري خبر کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙيون خبرون ڄاڻي واڻي پکيڙيون پيون وڃن ته جيئن ماڻهن جي ڌيان کي هٽائي سگهجي.دهشتگردي  ٽوڙ عدالت راولپنڊي ۾ پيشي کانپوءِ ٻاهر موجود ميڊيا سان گفتگو ڪندي عليمه خان جو چوڻ هو ته مون تي الزام آهي ته 26 نومبر جي احتجاج جو پيغام مون عوام تائين پهچايو، جڏهن ته پي ٽي آئي جي باني (عمران خان) 26 نومبر جي احتجاج جو اعلان جيل ۾ صحافين سان گفتگو دوران ڪيو هو. منهنجي وڪيل اڄ بهترين جرح ڪئي پر مون چيو ته جيڪو هي ڪرڻ چاهين ٿا ڪري وٺن، سزا ڏيڻ چاهين ٿا ته ڏئي ڇڏين،  جيل هليا وينداسين، آزاد ڪرڻ چاهين ٿا ته ڪري ڇڏين، اسان ائين به ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ اسان ان ڪيس کي جلدي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، تنهنڪري عدالت کان جلدي جي تاريخ گھري آهي.هن چيو ته ڪجهه ڏينهن کان اسان ٻڌي رهيا آهيون ته اڳوڻو آرمي چيف باني سان جيل ۾ ملڻ ويو هو، اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهي خبرون ڪٿان کان اچن ٿيون؟ جن ماڻهن جا اهي ذريعا آهن اهي اسان کي به ته ٻڌائين. مون بئريسٽر گوهر کي ميسيج ڪري پڇيو ته اها ڪهڙي خبر هلي رهي آهي؟ هن تصديق ڪئي ته ڪو به ملڻ ناهي ويو، اهو ڪوڙ آهي. مان به نٿي مڃان ته هنن ۾ ايتري به جرئت آهي جو هي اتي وڃن. ملڪ کان ٻاهر وڃڻ واري ڳالهه ٽن سالن کان عمران خان ناهي مڃي ته هاڻي ڇا مڃيندو؟عليمه خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هنن کي پاڻ سمجهه ۾ ناهي اچي رهيو ته باني سان هاڻي ڇا ڪرڻو آهي. هي باني جي ضمانت ٿيڻ نٿا ڏين ۽ کيس مڪمل قيدِ تنهائي ۾ رکيو ويو آهي.

سهيل آفريڊي سڀاڻي اڱاري جي ڏينهن صوبائي ڪابينا ۽ پنهنجي سمورن ايم پي ايز (MPAs) سان گڏ اڊيالا جيل اچڻ جو چيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.