ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته بجيٽ جي منظوري لاءِ اڳوڻي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي بحالي پارٽي جي ريڊ لائن آهي، ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاقي بجيٽ دوران حڪومت جي حمايت جي بدلي ۾ ڪامران ٽيسوري کي ٻيهر گورنر سنڌ مقرر ڪرڻ جو مطالبو زور سان اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پارٽي جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي اجلاس ۾ به ان معاملي کي ريڊ لائن قرار ڏيڻ تي زور ڏنو ويو، فاروق ستار چيو ته سڄي پارٽي ڪامران ٽيسوري سان گڏ بيٺل آهي، ڇاڪاڻ ته سندس گورنري دور جو ڪو مثال نه ٿو ملي. هن دعويٰ ڪئي ته ڪامران ٽيسوري جي هٽائڻ سان ايم ڪيو ايم کي سياسي نقصان پهتو ۽ شهر جي مسئلن کي اجاگر ڪندڙ هڪ مضبوط آواز ختم ٿي ويو، بجيٽ جي موقعي تي پارٽي هن معاملي تي کليل نموني ڳالهائيندي ۽ ڪامران ٽيسوري جي بحالي جو مطالبو ڪندي. پارٽي جي اڪثر چونڊيل نمائندن جي راءِ آهي ته جيڪڏهن 28هين آئيني ترميم نه پئي آندي وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪامران ٽيسوري جي بحالي کي بجيٽ سان ڳنڍيو وڃي.