ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ايم ڪيو ايم پنھنجي مئل سياست کي جيارڻ لاءِ مختلف مسئلن ۽ اشوز کي غير ضروري طور تي سياسي رنگ ڏيندي آھي، ھن چيو ته گيس جي کوٽ وفاقي حڪومت جي ذميواري آھي، جڏھن ته ڪي اليڪٽرڪ سنڌ حڪومت جي ماتحت ادارو ناھي، پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان سنڌ حڪومت اڳواٽ ئي ارسا کي خط لکي چُڪي آھي جنھن ۾ آگاھھ ڪيو ويو آھي ته سنڌ کي ھن وقت 22 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي، جنھن جا اثر ڪراچي تي به پون ٿا. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جا معاملا ۽ مسئلا به سنڌ حڪومت جي کاتي ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪندي آھي، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي سياست جو محور مسئلن جو حل ڳولڻ بدران اُنھن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان نه ته ايم ڪيو ايم جا اتحادي آھيون ۽ نھ ئي وفاقي حڪومت جا، اسان رڳو پارلياماني نظام ۽ جمھوري عمل جي تسلسل جي لاءِ وفاقي حڪومت جي حمايت ڪري رکي آھي. ھن چيو ته ڪراچي ڪڏھن دُنيا جي بھترين شھرن ۾ شمار ٿيندو ھو، پاڪستان جوگادي واري شھر رھيو ۽ نار وارن ملڪن سميت مختلف خطن مان شاگرد ھتي تعليم حاصل ڪرڻ ايندا ھُئا،ڪراچي جي صورتحال اُن وقت خراب ٿيڻ شروع ٿي جڏھن شھر ۾ لساني سياست جو بنياد رکيو ويو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جي مسئلن ۾ اُن وقت واڌارو ٿيو جڏھن مڪاني ادارن ذريعي پارڪن کي شادي ھالن ۾ تبديل ڪيو ويو. ھن چيو ته ان سموري صورتحال بابت حقيقتون ايم ڪيو ايم جي قيادت ڄاتيون پئي، پارڪن ۽ اسپورٽس گرائونڊز تي قبضا ڪيا ويا ۽ مڪاني ادارن ۾ اھڙن ماڻھو ڀرتي ڪيا ويا جن تي بعد ۾ دھشتگردي جھڙا سنگين الزام سامھون آيا. ھن چيو ته 2015 ۽ 2016 دوران ٿيل آپريشن دوران اھڙا ڪيترائي دھشتگرد سامھون آيا جيڪي ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ جا ملازم ھُئا، مڪاني نظام کي نقصان پھچايو ويو، جنھن سان ڪراچي جي تباھي جي شروعات ٿي، ڪيترائي ملازم عملي ڪم ڪرڻ بدران يونٽ ۽ سيڪٽر آفيسن ۾ ويٺل ھوند ا ھُئا. ھن چيو ته ڪراچي ملڪ جي معيشت ۾ سڀني کان گھڻو روينيو فراھم ڪري ٿو، روزگار، ڪاروبار، تعليم ۽ علاج جي غرض سان پوري پاڪستان مان ماڻھو ڪراچي جو رخ ڪندا آھن، جيڪڏھن ٻيا شھر ڪراچي کان بھتر ھجن ھا ته ماڻھو اُتي وڃن ھا، پر ڪراچي اڄ به ملڪ جو سڀني کان وڏو معقاشي ۽ واپاري مرڪز آھي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت ارسا کي باضابطا طور تي آگاھھ ڪري ڇڏيو آھي ته صوبي کي 22 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي، پاڻي جي کوٽ سان نه رڳو زراعت متاثر ٿئي ٿي پر شھري علائقن ۾بهپاڻي جي فراھمي متاثر ٿئي ٿي، ڪراچي سنڌ جو آخري وڏو شھر آھي ۽ سنڌ جي حصي جو پاڻي سڀني کان آخر ۾ ڪراچي پھچندو آھي، اُن ڪري جڏھن پاڻي جي مجموعي فراھمي گھٽجندي آھي ته اُن جا اثر ڪراچي تي به سڌي ريت پوندا آھن.