سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مٽيءَ جو طوفان، گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (عوامي آواز نيوز) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مٽيءَ جو طوفان، گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون، بجلي جا پول ڪري پيا، وڻ پڻ پاڙان پٽجي ويا، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويا، مختلف حادثن ۾ 50 کان مٿي ماڻهو زخمي ٿي پيا، ڪيترن ئي علائقن ۾ سولر پليٽن کي  وڏو نقصان، صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي، گهرن ۽ دڪانن جا ڇپرا پڻ اڏامي ويا، گهوٽڪي، جروار، ميرپورماٿيلو، ڪشمور، اوٻاوڙو، رائونتي ۽ ٻين علائقن ۾ طوفان وڏي تباهي مچائي ڇڏي، طوفان کان پوءِ برسات پڻ پئي، رپورٽن موجب ڪاڇي ۾ طوفان تباهي مچائي ڇڏي، سولر ۽ ڇتيون اڏامي ويون، گورک هل تي ريسٽ هائوس کي به نقصان پهتو، ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي مٽيءَ جو طوفان، ڇپرا ڊھي پٽ پئجي ويا، ڇتين تي پيل سولر پليٽون ڪري پيون، ماڻھن جو لکين روپين جو نقصان ٿيو، واهي پانڌي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ طوفان ۽ برسات وڏو نقصان ڪيو، ماڻهن جون سولر پليٽون اڏي ويون ۽ ڪيتريون ئي سولر پليٽون ڀڄي ويون، شهرين کي وڏو مالي نقصان پهتو، مختلف علائقن ۾ وڻ به ڪري پيا، ڪجهه حادثا پڻ پيش آيا، متاثرن پاران واهر جي گهر ڪئي وئي، طوفان سبب ڏينهن جو رات جو منظر نظر اچڻ لڳو، ماڻهو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڀڄندي نظر آيا، شهرين جو چوڻ هو ته پهريون ڀيرو اهڙو خطرناڪ طوفان ڏٺو آهي، غريب ماڻهن جو وڏو نقصان ٿيو آهي، ٻئي پاسي مٽيءَ جي شديد طوفان کانپوءِ گڊو انٽرچينج کان روهڙي انٽرچينج تائين بجلي جون تارون روڊ تي ڪري پيون جنهن سبب ايم-5 موٽر وي کي عارضي طور ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، اختيارين چيو ته مسافرن کان گذارش آهي ته غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، متبادل رستا اختيار ڪن.  ۽ موٽر وي پوليس جي هدايتن تي عمل ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.