فهميده واقعي جي جاچ رپورٽ تي وارثن طرفان بي اعتمادي، عدالتي ڪميشن جو مطالبو

ميرپورخاص(رپورٽ:غفار رند) هراسمينٽ سبب آپگهات ڪندڙ خانگي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي واقعي جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ پاران ايس ايس پي سھائي عزيز جي اڳواڻي ۾  جوڙيل ڪاميٽي جي آءِ جي سنڌ وٽ پيش ڪيل جاچ رپورٽ تي وارثن پاران عدم اعتماد جو اظهار ڪندي واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ، ڪاليج جي چانسلر سميت ٻين نالن کي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، هراسمينٽ سبب آپگهات ڪندڙ فهميده لغاري جي والد انتظار لغاري، مامن افتخار لغاري ۽ مصدق لغاري ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جاچ رپورٽ ۾ ڪاميٽي پاران هڪ جوابدار عابد تي ڪجھه قلم لڳائي ۽ پرنسپل تنوير عالم تي به نالي ماتر قلم لڳائي ٻين جوابدارن کي بيڏوهي قرار ڏنو ويو آهي جيڪو سمجھه کان بالاتر آهي جڏهن ته ڪاليج جي چانسلر رضي محمد کي پڻ ڪلين چٽ ڏني وئي آهي هنن چيو ته اسان ايس ايس پي سھائي عزيز جي بهترين جاچ ڪرڻ ۽ مظلومن جو ساٿ ڏيڻ جي تعريف ٻڌي جاچ لاءِ سندس نالو تجويز ڪيو هو پر هن اسان کي مايوس ڪيو آهي، جاچ رپورٽ ۾ مظلومن کي انصاف ڏيارڻ بدران ظالمن جو ساٿ ڏنو ويو، فارميسٽ عابد لغاري جيڪو پرائمري ٽيچر پڻ آهي جنهن کي ڪاليج پاران بي فارميسي جي ڊگري هجڻ باوجود بطور ڊاڪٽر مقرر ڪري شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ ڪلاس اٽينڊ ڪرايا کيس بطور ڊاڪٽر مقرر ڪندڙن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وئي ۽ نه وري ان کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو، عيد کان ڪجهھ ڏينهن اڳ اسان کي جاچ رپورٽ ڏئي چيو ويو ته هي انتهائي ڪانفيڊينشل ۽ شروعاتي رپورٽ آهي ان کي راز ۾ رکجو اها رپورٽ پڙهڻ بعد اسان ان کي رد ڪيو ۽ پنهنجا خدشا آءِ جي سنڌ سان ملاقات ڪري ظاهر ڪيا .

جتي آءِ جي سنڌ اسان جي نياڻين جي مٿي تي هٿ رکي چيو ته اوهان جا تمام خدشات ختم ڪيا ويندا ۽ انصاف فراهم ڪيو ويندو پر عيد جي موڪلن بعد ان انتهائي ڪانفيڊينشل ۽ اسان پاران رد ڪيل جاچ رپورٽ کي ميڊيا آڏو ظاهر ڪري اسان جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو ويو، هنن چيو ته فهميده لغاري پرائمري کان وٺي ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران هميشا پوزيشن هولڊر رهي اهڙي هوشيار شاگردياڻي کي ذهني مريض قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جعلي آئيڊيز ذريعي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي انهن آئيڊيز جي هلائيندڙ شڪين جا نالا ۽ آئيڊيون ٽيم حوالي ڪيون پر ان حوالي سان به ڪو تحرڪ نه ورتو ويو ان معاملي ۾ شاگردن جو هڪ گروپ شامل هو جنهن جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي پر ان حوالي سان ڪجھ نه ڪيو ويو 54 کان 55 ڏينهن گذرڻ جي باوجود فهميده لغاري جي موبائيل فون جي فرانزڪ رپورٽ نه اچي سگهي آهي ان رپورٽ کان بنا ئي جاچ رپورٽ پيش ڪري جوابدارن ۽ لاڳاپيل ماڻهن کي رليف ڏنو ويو آهي اهڙين حالتن ۾ اسان کي خدشا آهن ته موبائيل فون جي ڊيٽا سان هٿ چراند ڪري ثبوتن کي ڊيليٽ ڪيو ويندو، ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاهه سان ملاقات دوران هن ٻڌايو هو ته ڪيس ۾ ڪاليج جي ڊاڪٽر نديم کي شامل ڪري کيس گرفتار ڪيو وِيو آهي ۽ لان جاچ ڪئي پئي وڃي پر ان جو به رپورٽ ۾ ڪو ذڪر ناهي، هنن چيوپ ته فهميده لغاري پاران ڪاليج جي پرنسپل تنوير عالم ۽ سندس زال ڪاليج جي پروفيسر فرزانا کي هراسمينٽ بابت شڪايتون ڪيون ويون ڪاليج انتظاميا  پاران ڪو تحرڪ نه وٺڻ تي فهميده لغاري اها ڳالھ پنهنجي والدين سان ڪئي جن ڊاڪٽر نديم، ڊاڪٽر شمس  ۽ ٻين سان لکت ۾ شڪايت ڪئي ان باوجود ڪا ڪاروائي نه ڪئي وئي جنهن تي دل برداشته ٿي فهميده اهڙو قدم کڻڻ تي مجبور ٿي، حاصل ڪيل ثبوتن موجب پيرا محمد ميڊيڪل ڪاليج ڏانهن وڃي رهيا آهن پر ڪاميٽي ڪاليج وارن کي بيڏوهي قرار ڏئي رهي آهي هنن مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ابن سينا يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر سيد رضي، ڊاڪٽر نديم سميت ٻين کي ڪيس ۾ نامزد ڪري ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.