6 مهينن کان پوءِ به پي آءِ اي ڪنسورشيم حوالي نه ٿي

ڪراچي(ع آ نيوز) قومي ايئر لائن جي نجڪاري جي 6 مهينن کان پوءِ به پي آءِ اي انتظاميا خريد ڪندڙ ڪنسورشيم ڏانهن منتقل نه ٿي سگهي. ذريعن موجب، قومي ايئر لائن جو ڪنٽرول 25 مئي تي خريد ڪندڙ ڪنسورشيم کي ڏيڻوهو، پر هاڻي جون جي آخر تائين قومي ايئر لائن جو ڪنٽرول ڪنسورشيم کي ڏيڻ جو منصوبو  آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايئر لائن جو ڪنٽرول ڪنسورشيم کي نه ڏيڻ جو سبب مختلف اين او سي جاري نه ڪرڻ آهي، ڪامورن جي سست روي سبب اين او سي ۾ دير ٿي رهي آهي، جڏهن ته اين او سي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪنسورشيم کي نجڪاري ڪميشن وٽ 85 ارب رپيا جمع ڪرائڻا هئا. ان حوالي سان نجڪاري ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مقامي ۽ پرڏيهي اين او سي حاصل ڪرڻ جو ڪم جاري آهي، مجموعي طور تي 40 کان وڌيڪ اين او سي حاصل ڪرڻا هئا، اڪثر اين او سي حاصل ڪيا ويا آهن. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سڀئي اين او سي جاري ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.