پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ون ڊي سڀاڻي کيڏي ويندي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪ-آسٽريليا ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن اڄ پريڪٽس سيشن ۾ حصو ورتو ۽ قذافي اسٽيڊيم ۾ ٻي ون ڊي جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ شيڊيول اها ميچ شام ساڍي چئن وڳي شروع ٿيندي.
آسٽريليا جي ڪوشش هوندي ته هو سيريز ۾ واپسي ڪري، جڏهن ته پاڪستان ميچ کٽي سيريز ۾ فيصلائتي سرسي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽِين ۽ آخري ون ڊي چار جون تي لاهور ۾ ئي کيڏي ويندي.
ياد رهي ته سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.