بانڊن ذريعي قرض وٺڻ تي جشن ملهائڻ شرمناڪ آهي: احسن اقبال

اسلام آباد(ع آ نيوز) منصوبابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته مالي سال 2018 کان پوءِ ترقياتي منصوبن لاءِ وسيلا مسلسل گهٽجي رهيا آهن ۽ صوبا ترقياتي بجيٽ جي لحاظ کان امير ٿي ويا آهن. سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊ ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي، سيڙپڪاري جي ڊي پي جي 2.6 سيڪڙو کان گهٽجي 0.6 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هن چيو ته 5 هزار ارب جي منصوبن جي پي سي-1 تي ڪم ٿي رهيو آهي، ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 10 هزار ارب جي ضرورت آهي، جڏهن ته مالي سال 2018 کان پوءِ ترقياتي منصوبن لاءِ وسيلا مسلسل گهٽجي رهيا آهن، صوبا ترقياتي بجيٽ جي لحاظ کان امير ٿي ويا آهن ڇاڪاڻ ته صوبن جي ترقياتي بجيٽ وڌي وئي آهي.وفاقي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ وزارتن منصوبن لاءِ 3000 ارب رپيا گهريا هئا، پر وفاقي ترقياتي پروگرام 2018 ۾ 1000 ارب رپين جي سطح تي آهي، هن صورتحال ۾ صرف چونڊيل منصوبن  تي ڪم ڪري سگهجي ٿو.احسن اقبال وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي بلوچستان جي اين-25 هاءِ وي لاءِ 125 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جنهن کان پوءِ وفاقي ترقياتي پروگرام صرف 1000 ارب رپين تي رهي ٿو، 720 ارب رپين جا نوان منصوبا تجويز ڪيا ويا آهن، بلوچستان لاءِ 100 ارب رپيا، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ فاٽا جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ 150 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.واپاري خساري بابت پنهنجي خطاب ۾ احسن اقبال چيو ته ”جيستائين اسان پنهنجي پيداواري صلاحيت کي نه وڌائينداسين، دنيا جي مقابلي جي لحاظ سان برآمد تي ڌيان نه ڏينداسين، تيستائين اسان لاءِ معاشي خودمختياري حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي،هن وڌيڪ چيو ته ”اسان جي معاشي خودمختياري جو سارو دارومدار اسان جي وسيلن جي فراهمي تي آهي… چاهي اهو داخلي ۽ ٽيڪس ڪليڪشن جي صورت ۾ هجي يا خارجي، ڊالر جي ايڪسپورٽ (برآمد) ذريعي ڪمائي جي مٿان هجي،منصوبابندي واري وزير اهو به چيو ته ڪنهن به ملڪ لاءِ اها انتهائي شرمناڪ ڳالهه آهي ته اسان ڪو بانڊ فلوٽ (جاري) ڪريون ۽ ان تي جشن ملهايون. بانڊ هڪ قرض آهي. اسان جيڪڏهن پنهنجي پرڏيهي ناڻي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور آهيون ته اهو جشن جو موقعو ناهي پر پنهنجي محاسبي (پڇا ڳاڇا) جي گهڙي آهي،اسان کي دراصل پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا برآمد ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ذريعي پورا ڪرڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته  اسان کي ان طرف وڃڻو آهي ته اسان ڪيئن ايڪسپورٽ ايمرجنسي ذريعي، سڀ صوبا ۽ وفاق پاڪستان جي ايڪسپورٽ کي ان ئي جذبي سان وڌائين جنهن طرح اسان پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي ڪامياب بڻايو هو.“”اسان جي مستقبل جو دارومدار صرف ان هڪ پوائنٽ تي آهي ته اسان کي ايندڙ 10 سالن ۾ 100 ارب ڊالرن جي ايسپورٽ ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻو آهي.“هن چيو ته عالمي منڊين ۾ پاڪستاني شين جي وڪري کي وڌائڻو پوندو، ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي حاصل ڪرڻي پوندي ۽ نوجوانن کي آئي ٽي ۽ اي آئي  جي تربيت ڏيڻي پوندي.

هائبرڊ نظام ۾ وزير هڪ ٻئي پٺيان آواز اٿارڻ لڳا

اسلام آباد(اسد علي طور) وفاقي وزير پلاننگ احسن اقبال چيو آهي ته يورو بانڊ يا پانڊا بانڊ عالمي مارڪيٽ ۾ جاري ڪري پئسا گڏ ڪرڻ ۽ ان تي جشن ملهائڻ ته ”اها وڏي ڪاميابي آهي“ انتهائي شرمناڪ آهي. ظاهر آهي ته ناڻي وزارت اهي يورو بانڊ وڪڻي ان کي وڏي ڪاميابي قرار ڏئي رهي هئي ته اسان 75 ڪروڙ ڊالر گڏ ڪيا آهن. ناڻي وزير محمد اورنگزيب صاحب، جيڪو اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو آهي، ان جي جشن ملهائڻ کي احسن اقبال شرمناڪ چئي رهيو آهي. اهو تمام دلچسپ آهي ته احسن اقبال هاڻي ڦاٽي پيو  آهي. هي اهو ئي احسن اقبال آهي جنهن واپارين سان گڏ وڃي آرمي چيف سان ملاقات ڪئي هئي ۽ ٻاهر اچي ٽي وي تي وڏيون ڳالهيون ڪيون هيون. هاڻي هو ان ڪري ڦاٽي پيو آهي ڇو ته معيشت نٿي هلي. جي ڊي پي گروٿ ٽي سيڪڙو کان مٿي نٿي وڃي، برآمد ست سيڪڙو ڪري پيون آهن، ٻاهرين سيڙپڪاري 31 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي ۽ ڪپهه جي پيداوار به تباهه ٿي وئي آهي. ان سڀني شين جي ڪري هڪ شديد دٻاءُ آهي، تنهنڪري هو هاڻي ناڻي وزارت (يعني اسٽيبلشمينٽ جي ماڻهو) کي ذميوار ٺهرائي رهيو آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ خواجه آصف به ڦاٽي پيو هو ته ليسڪو وارا سندس ڳوٺ مان پئسا کائي ويا ۽ رسيد به نه ڏنيون. نظام هن وقت لُڏي رهيو آهي ۽ اندريان رڙيون اچي رهيون آهن. خراب گورننس ۽ ڪرپشن جا الزام لڳي رهيا آهن ۽ قرضن جي پاليسي کي غلط قرار ڏنو پيو وڃي. اها مڪمل مايوسي جي نشاني آهي ڇو ته ٽن چئن سالن کان اهي ئي حالتون آهن.ان ئي خوف کان اهي چونڊن ۾ وڃڻ کان به ڊڄن ٿا. گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ پي ٽي آئي کي ٻاهر رکڻ لاءِ هنن پي ٽي آئي اڳواڻن کي صوبي بدر ڪيو ته وٽن اين او سي ناهي. هڪ ايم اين اي اتي ڪيئن مهم هلائي سگهي ٿو؟ جڏهن ته ٻئي طرف پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ پنجاب جو گورنر اتي مهم هلائڻ پهچي ويو آهي. نون ليگ پاران خواجه سعد رفيق ۽ اختيار ولي جيڪي ايم اين اي آهن، اهي به اتي پهچي ويا آهن. يعني نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي جا ايم اين ايز مهم هلائي سگهن ٿا پر پي ٽي آئي جو ڪو ماڻهو نٿو اچي سگهي ڇو ته اين او سي ناهي. جتي اهڙو ٻه اکر نظام هوندو، اتي چيخون نڪرڻ لازمي آهي.

احسن اقبال جو بيان حڪومت اندر مايوسي جو اظهار

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان جي وفاقي منصوبابندي واري وزير احسن اقبال جي هڪ بيان ملڪ ۾ ايندڙ مالي سال جو بجيٽ پيش ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ اها بحث ڇيڙي ڇڏي آهي ته عالمي مالياني منڊين کان قرض حاصل ڪرڻ لاءِ بانڊز جاري ڪرڻ تي ’جشن‘ ڇو ملهايو ويندو آهي.گذريل مهينن دوران پاڪستان يورو بانڊز ۽ پانڊا بانڊز مان بالترتيب 75 ڪروڙ ڊالر ۽ 25 ڪروڙ ڊالر گڏ ڪيا، جنهن کي ناڻي وزارت پنهنجي ڪاميابي  طور پيش ڪيو هو.شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب، اپريل ۾ پاڪستان جو واپاري خسارو 46 مهينن جي سڀ کان وڏي سطح يعني چار ارب ڊالرن کان وڌي ويو هو. ان جو سبب وڌندڙ درآمد ۽ سستي جو شڪار برآمد آهن.بي بي سي احسن اقبال جي ان بيان جي تناظر ۾ ناڻي وزارت جي ترجمان خرم شهزاد کي سوال موڪليا آهن، پر اڃا تائين سندس طرفان ڪو به جواب موصول ناهي ٿيو.سومر تي سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس دوران منصوبابندي واري وزير احسن اقبال بانڊز جو ذڪر ان وقت ڪيو جڏهن هو ملڪي برآمدات ۾ بيهڪ (جمود) تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.پاڪستان جي معيشت کي درپيش وڏن چئلينجن مان هڪ واپاري خساري جو آهي. شماريات کاتي موجب، پاڪستان جو واپاري خسارو هاڻوڪي مالي سال جي پهرين ڏهن مهينن دوران 20.3 سيڪڙو واڌ سان 31.98 ارب ڊالر ٿي ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي ۾ 26.59 ارب ڊالر هو.اپريل دوران پاڪستان جي ناڻي وزارت جي ترجمان خرم شهزاد ٻڌايو هو ته يورو بانڊ ذريعي ملڪ 75 ڪروڙ ڊالر گڏ ڪيا آهن ۽ اها ”چار سال بعد بين الاقوامي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ پاڪستان جي ڪامياب واپسي آهي.“ناڻي وزير محمد اورنگزيب ان اڳڀرائي کي چار سالا سفر جي پڄاڻي قرار ڏنو ۽ ان ڳالهه جو اشارو ڏنو ته پاڪستان جي معيشت درست طرف وڃي رهي آهي.جڏهن ته مئي ۾ ناڻي وزارت چيو هو ته چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ سان 25 ڪروڙ ڊالر گڏ ڪيا ويا آهن. چيني ڪرنسي ۾ جاري ٿيندڙ ٽن سالن جي پانڊا بانڊ کي چين جي آن شور ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ پاڪستان جو پهريون قدم چيو ويو هو.سوشل ميڊيا تي اڪثر واپرائيندڙن (صارفين) احسن اقبال جي بيان کي يورو بانڊ ۽ پانڊا بانڊز جي جاري ٿيڻ سان جوڙيو آهي، جنهن کي ناڻي وزارت پاران پنهنجي ڪاميابي طور بيان ڪيو ويو هو.معاشي معاملن جو ماهر شهباز راڻا چوي ٿو ته موجوده حڪومت جي اها وڏي ناڪامي رهي آهي ته اها برآمد وڌائڻ لاءِ ماحول پيدا نه ڪري سگهي. ايڪسپورٽس لاءِ جيڪي به هدف رکيا ويا، اهي حاصل نه ڪري سگهيا.“هو ان طرف اشارو ڪري ٿو ته ناڻي وزير ”نئون قرض وٺڻ جي ته ڳالهه ڪري ٿو پر برآمدات جي ڳالهه نٿو ڪري. جيڪڏهن حڪومت ۾ اها واضح پاليسي ناهي ته نئون قرض وٺڻ ترجيح آهي يا برآمدات وڌائڻ، ته هدف ڪيئن حاصل ٿي سگهن ٿا. ان جي برعڪس، معاشي معاملن جو ماهر علي خضر احسن اقبال جي تنقيد تي اهو سوال اٿاري ٿو ته ”توهان حڪومت ۾ آهيو، توهان ايڪسپورٽ تي ڪم ڇو نٿا ڪريو؟ توهان جي موجودگي ۾ به ايسپورٽس ڇو نٿيون وڌن؟“هو چوي ٿو ته ”ايسپورٽ جي ڪا پاليسي ناهي ته بانڊز جاري ڪرڻ تي تنقيد ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي، اهو به ته توهان جي ئي حڪومت آهي. حڪومت هلائڻ لاءِ بانڊز ته جاري ڪرڻا پوندا، ورني پئسا ڪٿان کان آڻيندؤ؟“محمد اورنگزيب تي مختلف حلقن کان ٿيندڙ تنقيد تي علي خضر جي بقول اهو پڇڻ جي ضرورت آهي ته ”ڇا کيس قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟ يعني پيداوار نه وڌڻ جو قصوروار رڳو کيس ئي ٺهرايو وڃي،برآمد نه وڌڻ جي ذميواري صرف ناڻي وزارت تي ناهي پر پوري حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. جيڪڏهن سيڙپڪاري وزيراعظم، منصوبابندي واري وزارت ۽ ايس آءِ ايف سي  به ناهن آڻي سگهيا ته اسان اڪيلي ناڻي وزير کي ئي ڇو صرف قصوروار چئون. هو به اوترو ئي قصوروار آهي جيترا هي ماڻهو آهن. اسان ڪرنسي جي قدر کي برقرار رکيو آهي، ايڪسپورٽر تي دٻائي ٽيڪس لڳايو وڃي ٿو ۽ کائنس مراعتون کسيون ويون آهن، ته پوءِ ايڪسپورٽ ڪيئن وڌندي؟صحافي شهباز رانا جو خيال آهي ته پاڪستان جون سفارتي ڪاميابيون معاشي ڪاميابي ۾ تبديل نه پيون ٿين، جنهن تي حڪومت دٻاءُ جو شڪار آهي،احسن اقبال جو بيان ان ئي شيءِ جي عکاسي ڪري ٿو ته حڪومت جي اندر مايوسي آهي، جنهن تي بليم گيم (هڪ ٻئي تي الزام مڙهڻ) شروع ٿي وئي آهي ته ڪير ان موجوده صورتحال جو ذميوار آهي. احسن اقبال اهو ٺهڪندڙ چئي رهيو آهي ته دنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ملڪ هوندو جيڪو قرض وٺڻ کي ڪاميابي ظاهر ڪندو آهي، يورو بانڊز ۽ پانڊا بانڊز کي پاڪستان جي شاندار ڪاميابي قرار ڏنو ويو. ان تناظر ۾ ان بيان جو سبب سمجهه ۾ اچي ٿو.“پر علي خضر جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيداواري صلاحيت ڪيئن وڌائي سگهندو ”جڏهن ان لاءِ نه پاليسي آهي ۽ نه سيڙپڪاري اچي رهي آهي. ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي ته پيداوار ٿيندي.“هو چوي ٿو ته پاڪستان وٽ پنهنجي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ناهن، جنهن جي ڪري اهي ئي ٻه رستا آهن ته يا ته بانڊز جاري ڪيا وڃن يا دوست ملڪن ۽ ڪنهن ٻئي کان قرض ورتو وڃي. ان کانسواءِ اسان جو گزارو ناهي ڇو ته اسان جون ايڪسپورٽس ناهن، اسان کي مٿاهين ڳالهين بدران مسئلي جي تهه (پاڙ) ۾ وڃڻو پوندو. علي خضر جي راءِ ۾ برآمدات نه وڌڻ جو سبب ٽيڪس جي نظام ۾ ڪوتاهيون آهن جڏهن ته سيڙپڪاري ناهي اچي رهي. بجلي تمام گهڻي مهانگي ڪئي وئي آهي. وياج جي شرح وڌيڪ رهي آهي. پر ان سڀني شين جي پٺيان حڪومت جي ناڪامي آهي. ايڪسپورٽر کي نقصان ٿيندو جڏهن توهان ڪرنسي کي تبديل ٿيڻ نه ڏيندؤ. پاڪستان جو ايڪسپورٽر 40 کان 50 سيڪڙو انڪم ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته بنگلاديش ۾ اهو تناسب 10 کان 15 سيڪڙو آهي. پاڪستان ۾ جي ايس ٽي  ۽ ڊيوٽيز به تمام گهڻيون آهن.“هو چوي ٿو ته پوري حڪومت هڪ پيج تي آهي ته اڄ ملڪ ۾ سيڙپڪاري سڀ کان گهٽ ڇو آهي؟ان سوال تي ته ٿوري وقت (قليل مدت) ۾ خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ بانڊز جاري ڪرڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي، شهباز رانا جو چوڻ هو ته ”ٿوري وقت جي ڪهڙي تعريف آهي؟ ڇا ٿوري وقت مان مراد پنج سال آهي يا 10 سال؟اها ڪا بهاني بازي ناهي ته اسان کي ٿوري وقت لاءِ قرض وٺڻا پون ٿا. اها ڳالهه اهي ماڻهو ڪري سگهن ٿا جن جو اقتدار ۾ پهريون سال هجي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.