”طارق مهتا ڪا اُلٽا چشما“ جي اداڪارا پاران ڪرڪيٽر تي حراساني جو الزام!

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي وي ۽ او ٽي ٽي اداڪار نيهال واڊوليا دعويٰ ڪئي آهي ته راجسٿان رويلز سان لاڳاپيل هڪ طلاقيل ڪرڪيٽر کيس سوشل ميڊيا تي پيغام موڪليندو هو ۽ سندس خوبصورتي جي ساراهه ڪندو هو.

رپورٽ موجب هڪ تازي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي نهال وڊوليا ٻڌايو ته ڄاڻايل ڪرڪيٽر اڪثر سندس سوشل ميڊيا پوسٽن تي ردعمل ڏيندو هو ۽ کيس ”خوبصورت“، ”پرڪشش“ ۽ ”حسين“ جهڙن لفظن سان مخاطب ڪندو هو.

اداڪارا موجب هن ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڪا دلچسپي نه ڏيکاري ۽ بعد ۾ ڪرڪيٽر کي بلاڪ ڪري ڇڏيو.

مشهور ڀارتي ٽي وي شو ”طارق مهتا ڪا اُلٽا چشما“سان لاڳاپيل اداڪارا انٽرويو دوران ڪرڪيٽر جو نالو ظاهر نه ڪيو، جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي مختلف قسم جون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهنم.

ڀارتي ميڊيا موجب ان کان اڳ نهال وڊولياڪرن جوشي تي به غيراخلاقي پيغام موڪلڻ جو الزام هنيو هو. اداڪارا مبينا ڳالهه ٻولهه جا اسڪرين شاٽس ۽ وڊيوز به شيئر ڪيا هئا، جڏهن ته ڪرن جوشي انهن الزامن کي رد ڪندي دعويٰ ڪئي هئي ته سندس اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو هو.

واضح رهي ته نهال وڊوليا ماضي ۾ ڪيترن ئي او ٽي ٽي ڊرامن ۽ ٽي وي پروگرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي، جن ۾ ”طارق مهتا ڪا اُلٽا چشما“ پڻ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.