”جب وي ميٽ“ نه ملي ته ڏاڍو ڏکارو ٿيو هيس: بوبي ديول

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪاربوبي ديول انڪشاف ڪيو آهي ته مشهور فلم ”جب وي ميٽ“ مان کيس ڌار ڪيو ويو هو ۽ فلم هٿن مان نڪري وڃڻ تي هو تمام گهڻو ڏکارو ٿي پيو هو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بوبي ديول ٻڌايو ته هو هدايتڪار امتياز علي جي ڪم کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ سندس هن فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند پڻ هو. سندس چوڻ هو ته هن "جب وي ميٽ” حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر ان وقت فلمي صنعت ۾ سندس پوزيشن مضبوط نه هئڻ سبب کيس گهربل سهڪار نه ملي سگهيو.

رپورٽ موجب بوبي ديول ٻڌايو ته بعد ۾ اهي ئي پروڊيوسر ۽ اداڪارا جن کي هو هن منصوبي لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، فلم جو حصو بڻجي ويا، جڏهن ته کيس فلم مان ڪڍيو ويو.

هن چيو ته ان صورتحال کيس تمام گهڻي تڪليف پهچائي ۽ هو ڪاوڙ سميت مختلف جذبن مان گذريو پر بعد ۾ هن ان تجربي کي پنهنجي طاقت بڻائي ڇڏيو. بوبي ديول جو چوڻ هو ته اڄ کيس ماضي جي ان واقعي بابت ڪا به شڪايت ناهي ۽ هن ان مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي.

واضح رهي ته 2007ع ۾ رليز ٿيل فلم "جب وي ميٽ” ۾ شاهد ڪپور۽ڪرينا ڪپور خان مرڪزي ڪردار ادا ڪيا هئا، جڏهن ته فلم جي هدايتڪاري امتياز علي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.