ڪراچي (رپورٽر) ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪترڪ جي طرفان بجلي جي جبري شٽ ڊائون سبب ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي، واٽر بورڊ ڪارپوريشن جي ترجمان موجب ڪي اليڪٽرڪ ڌاٻيجي گرڊ جي پاور ٽرانسفارمر نمبر 1 ۾ فني خرابي جي مرمت لاءِ 30 مئي شام 6:30 تي بجلي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، هن شٽ ڊائون سبب ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن جا 21 مان 10 پمپنگ يونٽ بند ٿي ويا، جنهن سان شهر ۾ پاڻي جي فراهمي جو نظام سخت متاثر ٿيو آهي، ترجمان موجب ڪي اليڪٽرڪ طرفان شروعاتي طور صرف هڪ ڪلاڪ جي شٽ ڊائون بابت آگاهي ڏني وئي هئي،پر مڪمل بحالي بابت اڃا تائين ڪا حتمي ڄاڻ نه ڏني وئي، شهر کي هن وقت 54 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ڪي ٽو پمپنگ اسٽيشن جي سرگرمي به متاثر ٿي آهي، هن صورتحال سبب ڪي ٽو پمپنگ اسٽيشن کي ڪي ٿري فيڊر ذريعي بيڪ فيڊ فراهم ڪئي وئي آهي، پر محدود بجلي سبب پمپنگ آپريشن مڪمل طور بحال نه ٿي سگهيو.