ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻن الڳ ٽريفڪ حادثن دوران 2 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جن ۾ هڪ غيرملڪي شهري به شامل آهي، ڊفينس فيز 6 ۾ ٻن تيز رفتار گاڏين جي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو۽ 3 عورتن سميت 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا. حادثي کانپوءِ زخمين کي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوت ٿيندڙ شخص جي سڃاڻپ 40 ورهين جي شهزاد طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ هڪ غيرملڪي شهري ميڪسم به شامل آهي، جيڪو روسي قونصل خاني سان لاڳاپيل ٻڌايو پيو وڃي، پوليس موجب حادثي ۾ ٻنهي گاڏين کي سخت نقصان پهتو آهي، جڏهن ته سي سي ٽي وي فٽيجز ذريعي واقعي جي جاچ جاري رکي وئي، ٻئي حادثي ۾ لياري ايڪسپريس وي تي موٽرسائيڪل سوار کي بچائيندي هاءِ روف گاڏي بجلي جي پول سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوت ٿيندڙ نوجوان جي سڃاڻپ 25 ورهين جي طفيل طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.